ڊاڪٽر غلام زينب ابڙو

 هر زمان ۾ هر وقت مطابق تعليم انسان  جي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي  جيئن هر  ڪم ڪرڻ لاءِ انسان جي ذهن ۾ ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي، ٻار جو  پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ يا سڃاڻڻ، فطرت کي سمجهڻ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي سکيا  حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول موڪليو ويندو آهي، ايستائين جو جڏهن خدا پيغمبرن کي  انسانذات ڏانهن موڪليو ته ان جي پويان به هڪ وڏو  مقصد  سمايل آهي.

جيئن پيغمبر انسانن جي وچ ۾ اچي اسلام جي تبليغ ڪن ۽ اهو واضح ڪن ته صرف هڪ خدا جي عبادت ڪرڻي آهي جنهن هن ڪائنات کي خلقيو آهي. اهو سڀ ڪجهه رب پاڪ آسماني ڪتابن ۾ محفوظ ڪري پيغمبرن سان گڏ موڪليو ته هيئن پيغمبر خدا جي حڪم مطابق پنهنجو پيغام انسانن تائين پهچائن، وقت ۽ حالتن کي ڏسي رب پاڪ پيغمبر ۽ آسماني ڪتاب موڪليا.

                  پاڪ پيغمبر آخري رسول حضرت محمد  جن کي پهرين سيکاريو ويو ته اقرا يعني پڙهه مطلب ته جڏهن پيغمبرن کي به خود سيکارڻ سان گڏ ڪتاب هڪ مڪمل آئين ضابطه حيات به ڏنو تڏهن انهن پڙهي، پڙهايو ۽ سمجهايو. هر انسان جيڪو سکيا وٺي ٿو،  يقينن ان جي پويان انسان جو مقصد هوندو آهي.

سکيا يا تعليم به زندگي جي ڪمن ۾ ڪم جو هڪ قسم آهي جيڪو انسان کان ان جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ ڪرايو وڃي ٿو،  هڪ انسان تعليم به وٺي ٿو پر لکڻ پڙهڻ جي ڄاڻ نه ٿو رکي  ته هن جي تعليم يا سکيا ان شخص لاءِ ڪارائتي نه آهي، اهو هن جي وقت ۽ پئسن جو زيان آهي جيڪو انسان سکيا جي عمل سان سچو آهي، اهو ئي ڪامياب آهي، سکيا هر زماني جي ضرورت آهي ته جيئن وقت ۽ حالتن پٽاندر سکي انهن کي ضرورت مطابق استعمال ڪري سگهون. فلاسافر ڀاٽيه پنهنجي ڪتاب

Book name:The principles and methods of teachings جي صفحي 5 ۽ 6 تي ۾ لکي ٿو ته سکيا ٻار کي سماجي معاشرتي، ملنسار، خدمت خلق ۽ بهترين شهري بنائي ٿي. شاگرد کي پنهنجي برادري Community جي مختلف سماجي ڪنهن ۾  حصو وٺڻ لاءِ تيار ڪري ٿي ۽ ٻي  جاءِ صفحي 6 ساڳئي ڪتاب ۾ لکي ٿو  ته تعليم جا مقصد لچڪدار، مشاورتي ( صلاح مشورو)  ۽ تبديلي آڻڻ وارا هئڻ گهرجن، جيئن وقت ضرورت معاشري جي ضرورتن کي پورو ڪن ته جيئن معاشرو ۽ ٻار هڪ ٻئي مان مطمئن هجن.

هڪ ٻيو تعليمدان  پنهنجي ڪتاب

Modern philosophirs of educations۾ لکي ٿو ته   تعليم جي مقصد اهو هجي ته ٻار وڏو ٿي، مهل ۽ موقعي مطابق فيصلا ڪري سگهي هن کي ڪنهن ڪتاب يا اسانجي ڇپيل مواد جي ضرورت نه پوي.

رسڪن  هڪ ٻيو  تعليدان سکيا کي هڪ چارٽ ۾ نقشو بنائي، مقصد بيان ڪري ٿو.

دنيا جو سڀ کان وڏو تعليمدان ۽ فلاسافر حضرت محمد جن فرمائين ٿا  ته .

  1. سکيا حاصل ڪريو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين.

2 .سکيا حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي.

  1. سکيا وٺڻ لاءِ توهان کي اگر چين ( ڏورانهن ملڪن) ڏانهن به وڃڻو پوي ته به ضرور وڃو.

ان جو مطلب سکڻ، سکڻ ، سکڻ جيڪڏهن توهان کي تعليم ( سکيا) وٺڻ دوران تڪليف ۽ ڏکاين مان گذرڻو پوي ٿو ته انهن کي همت سان منهن ڏيو پر تعليم کي نه ڇڏيو.

 تعليم جا گهڻا ئي مقصد آهن جن مان خاص ۽ اهم هيٺ ڏجن ٿا:

  1. مختلف شين جي ڄاڻ ڏيڻ.
  2. تهذيب ۽ تمدن جي ڄاڻ ڏيڻ.
  3. سٺا شهري ۽ قابل اڳواڻ پيدا ڪرڻ.
  4. هنري سکيا اهڙي هجي جو ٻار پنهنجي مستقبل والدين ۽ پنهنجي خاندان ۽ معاشري لاءِ ڪارائتا ٿين.
  5. شاگردن ۾ سماجي ڪارڪردگي پيدا ڪرڻ.

تعليم جو هي مقصد تمام گهڻو اهم آهي ڇا ڪاڻ ته انسان سماج ۾ رهي ٿو ۽ سماجي حقن فرضن کان ناواقف هوندو ته نه پاڻ سک ۽ چين ۾ گذاريندو ۽ نه ئي سماج ۾ رهڻ وارن کي رهڻ ڏيندو.

جان ڊيوي خود ان  مقصد تي زور ڏئي ٿو، شاگرد ۾ سماجي ڪارڪردگي تخليق ڪجي ته هو سٺو شهري بڻجندو .

  1. خالي دماغ کي کليل دماغ ۽ تخليقي دماغ بنائڻ مطلب ته جڏهن ٻار ڄمي ٿو ته هن جو دماغ خالي هوندو آهي ۽ جيئن وڏو ٿئي ٿو ته هو نيون شيون پنهنجي والدين کان خاص طور تي ماءُ کان سکڻ شروع ڪري ٿو ان کانپوءِ ٻيو تعلق اسڪول ۾ هن جي استاد سان شروع ٿئي ٿو جتي باقائده سکيا وٺي ٿو.

ان ڪري ضروري آهي عورت جي پڙهائي سکيا  ڏانهن خاص ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته هن جي تعليم يافته هجڻ سان نسل سڌري ٿو،  ٻار جي بي قائده تعليم ماءُ جي هنج کان شروع ٿئي ٿي، جيڪڏهن ماءُ جي تعليم سکيا ۾ اصول ۽ رابطه هوندو ته اها به ٻار لاءِ باقائده تعلمي بنجي ويندي.

تعليم اسان کي سنواري ۽ سينگاري ٿي انسان  جي زندگي جي بنيادي ضرورت آهي بهترين سکيا سان ٻار پنهنجو پاڻ کي سنڀالي، سينگاري، سنواري ٿو پنهنجي صحت جو ۽ آسپاس  جي ماڻهن جي صحت جو خيال رکي ٿو،  سڀ کان وڏي ڳالهه  ته وقت کي زيان نه ٿو ڪري پر ان  کي بهتر کان بهتر انداز ۾ گذاري ۽ استعمال ڪري ٿو.