اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف بي آر کنڊ جي صنعت لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم متعارف ڪرائڻ کان پوءِ پهرين ڪارروائي ڪندي حيدرآباد مان ٽيڪس اسٽيمپ کانسواءِ 172 کنڊ جون ٻوريون هٿ ڪري ضبط ڪري ڇڏيون، ايف بي آر ترجمان موجب ايف بي آر ٽريڪ ۽ ٽريسس نظام تحت پهريون آپريشن ڪندي اسٽيمپ کان سواءِ کنڊ جي وڪرو خلاف حيدرآباد ۾ وڏي ڪارروائي ڪئي آهي، ايف بي آر ٽيم حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ ۾ کنڊ جي 12 گودامن کي چيڪ ڪيو، چمبڙ شگر ملز جون 172 ٻوريون گلزار اينڊ ڪمپني جي ڪاروباري گودام ۾ رکيون ويون هيون، جن تي ٽيڪس اسٽيمپ لڳل نه هو، ايف بي آر ٽيم سيلز ٽيڪس ايڪٽ ۽ ضابطن تحت اهي ٻوريون ضبط ڪري ورتيون آهن، ايف بي آر جي ٽيمن لاهور، راولپنڊي ۾ به کنڊ جي ڊيلرن جي گدامن جي چيڪنگ ڪئي پر مليل ٻورين تي ٽيڪس اسٽيمپ لڳل هئا.