پشاور: دره آدم خيل ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز جي گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، پر خوش قسمتي سان هو محفوظ رهيو. وفاقي وزير شبلي فراز ڪوهاٽ کان پشاور واپس اچي رهيو هو ته دره آدم خيل وٽ اڻڄاتل هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني. حملي ۾ وفاقي وزير بچي ويو پر سندس گارڊ ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا، مقامي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪار جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.

وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته الحمدلله محفوظ آهي پر ڊرائيور زخمي آهي، ڊرائيور کي علاج لاءِ پشاور منتقل ڪيو پيو وڃي.