عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪري مزو آيو، رابطي ۾ آهيون: حمائما

0
245
عمران هاشمي سان گڏ

لاهور (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا حمائما ملڪ چيو آهي ته پاڪستاني فلمن کانپوءِ ڀارت وڃي عمران هاشمي سان گڏ فلم ۾ ”بار ڊانسر“ جو ڪردار ادا ڪيو ته ماڻهو نفرت ڪرڻ لڳا ۽ مون کي غلط سمجهيو ويو.حمائما ڪجهه وقت اڳ هڪ شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن شوبز ڪيريئر سميت ذاتي زندگي بابت ٻڌايو.هن ٻڌايو ته 14 سالن جي ننڍي عمر ۾ ماڊلنگ شروع ڪيم، جنهن سبب جلد شهرت ملي وئي

مان پنهنجو سمورو خرچ برداشت ڪيو،گهر به هلايو ۽ امڙ کي گهر به خريد ڪري ڏنو.حمائما ملڪ چيو ته سندس چوڻ هو ته شروع ۾ مون کي بالي ووڊ اداڪار سنجي دت ۽ وويڪ اوبراءِ سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ان دوران مان اجمير شريف سميت ڀارت جي ٻين مزارن تي حاضري ڀري.