اسلام آباد (بيورو رپورٽ) معاشي معاملن بابت وفاقي وزير اياز صادق ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزيرن جي صدر عارف علوي سان ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات 45 منٽن تائين جاري رهي. مسلم ليگ ن جي ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال سوڌو قانونسازي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب وفاقي وزيرن صدر کي چيو ته پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه سنيجده مسئلا آهن، پهرين ترجيح ان تي ضابطو آڻڻ آهي، اسيمبليون ٽوڙڻ يا حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ بابت پارٽي ۾ مشاورت جاري آهي. ان بعد صدر پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات لاءِ ٽن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو.