لاهور(م ڊ) ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي عمران خان کي پنجاب اسيمبلي سندس اعلان موجب ٽوڙڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. عمران خان جي پارٽي اڳواڻن سان اجلاس ۽ وڊيو خطاب بعد ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي زمان پارڪ واري گهر ۾ پهچي ملاقات ڪئي. نجي ٽي وي موجب مونس عمران کي خاطري ڪرائي ته توهان جي اعلان موجب ئي پنجاب اسيمبل کي ٽوڙيو ويندو.