وفاقي بجيٽ عوام دوست هرگز ناهي

0
480

ناڻي واري وزير شوڪت ترين مالي سال 22-2021ع جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، پيش ٿيل وفاقي بجيٽ تي قومي اسيمبليءَ ۾ سڀاڻي سومر ڏينهن بحث جي شروعات ٿيندي، پارلياماني روايتن ۽ اصولن تحت ته قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث جي شروعات اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڪرڻ گهرجي ۽ ايئن سينيٽ ۾ بحث جو آغاز سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني کي ڪرڻ گهرجي، ڏسڻو اهو آهي ته ٻنهي ايوانن ۾ اپوزيشن ليڊر پنهنجي تجربي جو بجيٽ تقرير ۾ ڪيئن استعمال ڪن ٿا، ان حوالي سان وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پوندو، سڀاڻي سومر کان صورتحال واضح ٿي ويندي پر جنهن وقت ناڻي وارو وزير قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ پيش ڪري رهيو هو، ان وقت اڳوڻي ناڻي وزير ۽ هاڻوڪي ناڻي وزير سان مخالف ڌر جي رويئي ۾ فرق صاف نظر اچي رهيو هو. هن حڪومت جي دور ۾ ئي جڏهن اڳوڻن ناڻي وزيرن وفاقي بجيٽ پيش ڪئي هئي تڏهن مخالف ڌر جا ميمبر سندن سامهون گڏ ٿي بجيٽ دستاويز ڦاڙي ۽ مٿن اڇلائيندا هئا ۽ سندن ڀر ۾ بيهي اهڙي ته زورداري نعريبازي ڪئي ويندي رهي جو کين ڪنن ۾ هيڊفون پائي پنهنجي تقرير مڪمل ڪرڻي پوندي هئي، پر 11 جون واري ڏينهن بجيٽ پيش ڪرڻ وقت ناڻي وزير شوڪت ترين کي اهڙي صروتحال جو منهن نه ڏسڻو پيو، ڇو ته مخالف ڌر جا ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ۽ نعريبازي ڪري رهيا هئا. مخالف ڌر کي اهڙو سنجيده احتجاج ڪرڻ جو خيال ٻين ناڻي وزيرن پاران بجيٽ پيش ڪرڻ وقت ڇو نه آيو ۽ موجوده ناڻي وزير پاران بجيٽ پيش ڪرڻ وقت سنجيده احتجاج ڇو ڪيو اهو ته مخالف ڌر ٻڌائي سگهي ٿي، پر 22-2021ع جي بجيٽ جون جيڪي خوبيون ناڻي وزير شوڪت ترين ٻڌائي رهيو آهي يا ٻيا وزير بيان ڪري رهيا آهن انهن ۾ ڪيتري صداقت آهي وارو سوال اهم آهي. اوهان کي ٻڌايان ته 11 جون تي پيش ٿيل وفاقي بجيٽ 3 هزار 990 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ آهي، مطلب ته وفاقي حڪومت جي جيڪا سال ۾ آمدني ٿيندي ان کان خرچ 3 هزار 990 ارب رپين جا وڌيڪ ٿيندا. جنهن ملڪ جي آمدني کان وڌيڪ خرچ هوندا آهن تڏهن ان ملڪ جو غريب ماڻهو وڌيڪ رڳڙي ۾ ايندو آهي،
ملڪي اشرافيه جي زندگي تي اثر گهٽ ان ڪري پوندو آهي جو اهي پاڻ ڏي ايندڙ اثرن کي به هيٺين طبقي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيندا آهن. ملڪي تاريخ ۾ هر ناڻي وزير بجيٽ عوام دوست هجڻ جي دعويٰ ڪئي پر جڏهن ان بجيٽ تي عملدرآمد ٿيو ته فائدو ملڻ بجاءِ عام ماڻهن جو حال اڳ کان وڌيڪ هيڻو ٿيندو رهيو آهي. ن ليگ حڪومت جي آخري سال ۾ عام ماڻهو سان جيڪي حالتون هيون هن وقت ان کان به خراب حالتن ۾ آهن، پوءِ پيش ڪيل ايتري خساري واري بجيٽ عوام جي دردن جو درمان ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ اوهان کي ٻڌايان ته ايف بي آر کي ڪل 5 هزار 829 ارب رپين جي ٽيڪس وصولين جو هدف ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ڊائريڪٽ ٽيڪسن ذريعي 2 هزار 182 ارب رپيا ايف بي آر کي اوڳاڙڻ جو هدف ڏنو ويو آهي،
جڏهن ته 3 هزار 647 ارب رپيا ان ڊائريڪٽ ٽيڪسن ذريعي ايف بي آر کي اوڳاڙڻا آهن. ان ڊائريڪٽ ٽيڪسن جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن به فيڪٽري، ڪارخاني ۾ عام واهپي يا استعمال جي شيءَ ٺهي ٿي ان جي ڪارخاني اندر ڪل پيداوار تي ٽيڪس لڳائي وصوليون فيڪٽرين کان ڪيون وڃن، جنهن بعد فيڪٽري مان جيڪڏهن ماچيس ٺهي يا کير جو پيڪيٽ، ڪپڙو ٺهي يا ڪا به عام واهپي يا استعمال جي شيءَ ان کي خريد ڪرڻ ۾ امير ماڻهو جيترو ٽيڪس ادا ڪندا اوتري ئي ملڪ جا انتهائي غريب، گهٽ آمدني وارا به ٽيڪس ادا ڪندا. ان ڊائريڪٽ ٽيڪس جو منهنجي نظر ۾ هميشه مطلب اهو رهيو آهي ته ان ڊائريڪٽ ٽيڪس اها ڇري آهي جيڪا ڪروڙ پتي، ارب پتي ۽ غريب ماڻهن جي ڳچيءَ تي بنا ڪنهن فرق جي وهي ٿي،
امير ماڻهن کي ته اها ڇريءَ گهٽا ڪجهه نه ٿي ڪري پر غريب ماڻهن کي اها ان ڊائريڪٽ ٽيڪس جي ڇري روز زخمي ڪري بي حال ڪري ڇڏي ٿي.جيڪڏهن پيش ڪيل بجيٽ ذريعي ختم ٿيندڙ سال دوران ان ڊائريڪٽ ٽيڪسن جي مد ۾ وصول ٿيل 2 هزار 920 ارب رپين بجاءِ ايندڙ سال دوران 3 هزار 647 ارب وصول ڪيا ويندا ته ڇا ان ڊائريڪٽ ٽيڪسن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 727 ارب رپين جي اضافي وصولين جو عام ماڻهن تي ڪو اثر نه پوندو؟ اوهان کي ٻڌايان ته هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي هڪ سو 10 ارب جي اضافي پيٽروليم ليوي وصول ڪري ڪل 610 ارب وصول ڪرڻ جو حدف رکيو آهي، ناڻي وزير اهو واضح چيو آهي ته 610 ارب پي ڊي ايل جي مد ۾ وصول ڪرڻ لاءِ في ليٽر تي پيٽروليم ليوي 25 کان 30 رپين تائين وصول ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن هي حڪومت ايندڙ مالي سال دوران رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي 30 رپيا ليوي وصول ڪندي، ان بعد جي ايس ٽي، ڊيلر مارجن، ڊسٽريبيوشن مارجن جي مد ۾ 20 رپيا گهٽ ۾ گهٽ ٿيندا جڏهن في ليٽر تي 50 کان 55 رپين تائين ٽيڪس لڳندو ڇا پيٽرول مهانگو نه ٿيندو، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان ڇا ملڪ ۾ هر شيءَ مهانگي نه ٿيندي، جيڪڏهن هر شيءَ مهانگي ٿي ويندي ته عوام کي رياست مدينه جي روايتن جي دعويدار حڪومت ڪوڙا خواب ڇو ڏيکاريا؟ عوام کي واضح طور ڇو نه ٿو ٻڌايو وڃي ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون نه آهن جو عوام کي رليف ڏئي سگهون پر اها به مها فنڪاري ئي چئجي ته جن ماڻهن جو بجيٽ ۾ ڳلو گهٽڻ جي رٿابندي ڪري پيش ڪيو ويو آهي انهن ماڻهن کي ئي اها تمام سٺي شيءَ آهي چئي واهه واهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سوال هي آهي ته ڇا 30 جون 2021ع تي ختم ٿيندڙ مالي سال 21-2020ع دوران کنڊ، اٽي، گيهه، فروٽ، سبزين سوڌو کاڌي ۽ عام استعمال جي شين تي جيڪا ٽيڪس شرح لڳل رهي ڇا ان ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي،
ان سوال جو جواب آهي نه ته پوءِ پهرين جولاءِ 2021ع کان لاڳو ٿيندڙ بجيٽ سان عام ماڻهن جي حالت ڪيئن بهتر ٿي ويندي؟ جيڪڏهن معاشي ترقي ايتري ٿي آهي ته سرڪاري ملازمن کي مهانگائي جي شرح جي حساب سان پگهارن ۾ واڌ ڪري فائدو ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟ سوال هي به آهي ته هن حڪومت پيش ڪيل بجيٽ ۾ جن صنعتڪارن، سرمائيدارن کي تمام گهڻن فائدن ۽ رعايتن سان نوازيو آهي ڇا انهن صنعتن ۽ سرمائيڪارن کان حڪومت پاڻ جيڪا گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجورو 20 هزار مقرر ڪيو آهي اهو معاوضو فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، ڪنهن اداري ۾ ڪندڙ پٽيوالي کي ڏياري سگهندي ته ان جو به جواب انڪار ۾ آهي، ڇو ته هي سرڪار صنعتڪار ۽ سرمائيدار دوست سرڪار آهي، ظاهر آهي دوستن کان مزدور ته حڪومت لاءِ مٿي نٿا ٿي سگهن. هن حڪومت جو واپار جو وزير پاڻ واپاري ۽ ڪارخانيدار آهي، ناڻي وارو وزير بينڪر، صنعت پيداوار جو وزير صنعتڪار آهي،
جيڪڏهن ٻي حڪومت ۾ ايئن هجي ها ته پي ٽي آءِ ان کي مفادن جو ٽڪراءُ قرار ڏئي ها پر هن حڪومت جي قدمن خلاف ماضي وانگر نه عدالتي پاڻمرادا نوٽيس نظر اچن ٿا نه ئي کين مخالف ڌر ڪا پريشان ڪري سگهي ٿي، ان ڪري هن وفاقي سرڪار کي جيڪو ملڪ اندر ماحول مليل آهي اهڙو ماحول ڏهاڪو سالن ۾ شايد ڪنهن حڪومت کي مليو هجي. خير پاڻ ڳالهه پئي ڪئي وفاقي بجيٽ جي جنهن ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 900 ارب رپيا رکيا ويا آهن،
ترقياتي اسڪيمن ۾ پنجاب صوبي کي وڌ ۾ وڌ اهميت، ٻئي نمبر تي ڪي پي ، ٽئين نمبر تي بلوچستان ۽ سڀ کان گهٽ اسڪيمون سنڌ صوبي لاءِ رکيون ويون آهن، اهو ضرور ٿيو آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ جي دانهن ۽ حڪومت جي اتحادي جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪري ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ جون اسڪيمون نظر ضرور اچي رهيون آهن. وفاقي وزير فهميده مرزا جي بين الصوبائي وزارت جي ترقياتي اسڪيمن ۾ پهريون ڀيرو وڌ ۾ وڌ ترقياتي اسڪيمون سنڌ صوبي جون نظر اچي رهوين آهن باقي اين ايف سي ايوارڊ تحت وسيلن جي فراهمي نه ٿيڻ بابت سنڌ مسلسل دانهون ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت جو اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت واقعي رڪارڊ ٽيڪس وصوليون ڪيون آهن ته سنڌ کي حصي تحت رٿيل 84 ارب رپيا ڏنا وڃن،
پر ان سوال جو ڪو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پيش ڪيل بجيٽ ۾ وفاقي سرڪار چئني صوبن کي ايندڙ مالي سال جي آخر تائين 570 ارب رپين جا سرپلس ڏيڻ جو به هدف مقرر ڪيو آهي، جيئن وفاقي سرڪار بجيٽ خسارو 3 هزار 990 ارب مان گهٽ ڪري 3 هزار 420 ارب تي آڻي سگهي، چئني صوبن کي وفاق وٽان ڪل وسيلا 3 هزار 412 ارب جا منتقل ڪرڻ جي بجيٽ ۾ تجويز شامل ڪئي وئي آهي، جنهن مان 1691 ارب پنجاب کي ملندا،
سنڌ کي 848 ارب، ڪي پي کي 559 ارب، بلوچستان کي 313 ارب رپيا ملندا. وفاق وٽان ملندڙ وسيلن کانسواءِ صوبن جي پنهنجي آمدني نالي ماتر آهي، ڇو ته لڳ ڀڳ سمورا اهم ٽيڪس وفاق اوڳاڙي ٿو، ان باوجود صوبن کان سرپلس وٺڻ جي تقاضا حيرتناڪ آهي، پنجاب کي ته هر سال سوين ارب رپين جا ترقياتي منصوبا هر حڪومت وفاقي بجيٽ مان ڏيندي رهي ٿي، ڪي پي به نظر انداز ٿيڻ جون گهٽ ئي دانهون ڪندو آهي، باقي سنڌ ۽ بلوچستان کي نظر انداز ٿيڻ جون دانهون ڪرڻيون پونديون آهن، هي بجيٽ منهنجي نظر ۾ عوام دوست بجيٽ ته هر گز نه آهي، پر هن بجيٽ کي صنعتن، سرمائيڪارن جي بجيٽ ضرور چئي سگهجي ٿو، باقي هن بجيٽ مان سرڪاري ملازم به خوش نه آهن ۽ جڏهن پهرين جولاءِ کان بجيٽ لاڳو ٿي ويندي تڏهن سمورن شهرين کي بجيٽ جو اصل چهرو ۽ اثر محسوس ٿيڻ شروع ٿي ويندا.