ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران زڪوات ۽ اوقاف واري صوبائي وزير جي سفارش تي چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف کان عهدو واپس وٺي کيس مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان سروسز کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اوقاف جي چيف ايڊمنسٽريٽر 19هين گريڊ جي  ممتاز چنا کي بدلي ڪري کيس مڪاني کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته اوقاف جي چيف ايڊمنسٽريٽر وارو عهدو خالي ڇڏيل آهي، جتي ڪا مقرري ناهي ٿي.