ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا ڪري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ، گل ڀائي رستي ڪياماڙي جي دوري دوران وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گل ڀائي کان وائي جنڪشن تائين 5.5 ڪلوميٽر روڊ کي هڪ ارب رپين جي لاڳت سان ويڪرو ڪيو پيو وڃي،پهريون ڀيرو علائقي ۾ پاڻي ۽ نيڪال واريون لائينون وڇايون ويون آهن ، بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اهم شاهراهه کي ڪراسنگ لاءِ ڇهه مختلف نالا آهن، جن جي ٻيهر تعمير ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سائيٽ، ڪياماڙي نالي جي صفائي واري ڪم جو جائزو وٺي ٺيڪيدار کي ڇنڊ پٽي ڪئي ته نالي مان نڪتل گندگي کي ٺڪاڻي لڳايو وڃي ته جيئن ٻيهر رڪاوٽ نه اچي. هن منصوبي جي پي ڊي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ مهيني جي آخر (30 جون) تائين ڪم مڪمل ڪيو وڃي. بعد ۾ وزيراعليٰ مراد شاهه سائيٽ ايريا پهتو، جتي واٽر بورڊ لائينون وڇائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٻئي مرحلي ۾ هتي روڊن جو ڪم شروع ٿيندو. سائيٽ ايريا جي 17 روڊن واري اسڪيم تي 1.1 ارب رپين جي لاڳت ايندي، سائيٽ ايريا کانپوءِ وزيرعليٰ بنارس پهچي اورنج لائين منصوبي جي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيو، وزيراعليٰ مراد شاهه گلشن معمار پهچي مختلف روڊن جي هلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو . هن ڪم جي معيار ۽ رفتار کي چيڪ ڪيو ۽ پي ڊي کي گهربل هدايتون جاري ڪيون.