وزيراعظم نيب آرڊيننس جَي ترميمي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
216
نيب آفيسرن جي ڪرپشن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ لاءِ اڄ ئي آرڊيننس جاري ٿيڻ جا امڪان آھن.

 وزيراعظم عمران خان نيب آرڊيننس جَي ترميمي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڪميٽي نيب آرڊيننس ۾ ترميم جو مسودو تيار ڪيو هو، نيب چيئرمين جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ لاءِ صدر طرفان اڄ آرڊيننس جاري ڪرڻ جا امڪان آھن.