وزيراعظم سياسي لا وارث، حڪومت جي وڃڻ جا سبب پيدا ڪيا پيا وڃن: خواجه آصف

0
198
اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان
اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: خواجا آصف

ڪراچي(م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ خواجا آصف وزيراعظم عمران خان کي سياسي لا وارث قرار ڏئي ڇڏيو آهي, سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته حڪومت جا قدم ڏڪي رهيا آهن، هن جي وڃڻ جا سبب پيدا ڪيا پيا  وڃن

خواجا آصف چيو ته هي ماڻهو تبديلي جي تباهي آندي آهي، پي ٽي آءِ جا پنهنجا ووٽر به ناڪامي جو اعتراف ڪري رهيا آهن

وزيراعظم تي تنقيد ڪندي خواجا آصف چيو ته عمران خان سياسي لا وارث آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جا اڪثر ماڻهو سياسي مسافر آهن، پارٽيون تبديل ڪرڻ وارن جي ڪا به عزت ناهي

خواجا آصف چيو ته مان احتساب ادارن کان پڇان ٿو ته اوهان جيڪو ڪم ڪري رهيا آهيو ان کي درست ڪري رهيا آهيو، ڇا ڪرپشن رڳو اسان ۾ نظر اچي رهي آهي؟ باقي کير ڌوتل آهن، 185 جو ڊالر ٿي ويو، جڏهن 97، 98 جو هو ته اسان کي گاريون ڏيندا هنئا، هنن حڪمرانن ملڪ کي گروي رکي ڇڏيو آهي

ن ليگ اڳواڻ چيو ته 68 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته مهانگائي جو ذميوار عمران خان آهي، شهباز شريف جي دور ۾ دوائون مفت ملنديون هيون ۽ ڪينسر جو علاج مفت هو

مري ۾ افسوسناڪ واقعي تي ڳالهائيندي ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته مري واري معاملي تي هڪ وزير چيو هو ته هڪ لک گاڏيون داخل ٿيون، اها ترقي جي نشاني آهي، فواد چوڌري ان ڪري ڳالهائي رهيو  آهي جو هو شيخ رشيد جي جاءِ تي اچڻ چاهي ٿو