اسلام آباد: وزيراعظم سان جهانگير ترين جي حامي چونڊيل ميمبرن جي ملاقات کان اڳ پنجاب جي گورنر چوڌري غلام سرور پرڏيهي مامرن جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، ان کان اڳ جهانگير ترين جي حامين جو جهانگير ترين جي گهر تي جهانگير ترين جي صدارت ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم سان رٿيل ملاقات بابت حڪمت عملي تيار ڪئي وئي، ان اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ 33 جي لڳ ڀڳ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر موجود هئا، ذريعن مطابق اجلاس دوران جهانگير ترين جي هم خيال ميمبرن چيو ته جهانگير ترين کي سوچي سمجهي سازش تحت وزيراعظم کان پري ڪيو ويو آهي، حڪومت سازي ۾ ان جو ڪردار ڪنهن کان لڪيل نه آهي، ان سان اها زيادتي ڪئي پئي وڃي جيڪا نواز ليگ به نه ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ راجا رياض جي سربراهي ۾ جهانگير ترين جو حامي گروپ سڌو جهانگير ترين جي گهر پهتو ۽ جهانگير ترين کي وزيراعظم سان ٿيل ملاقات جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.