ورلڊ ڪپ: نيوزي لينڊ طرفان انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

0
154
ورلڊ ڪپ: نيوزي لينڊ طرفان انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو
ورلڊ ڪپ: نيوزي لينڊ طرفان انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ 2023ع ميلي جي اڄ کان باقاعده شروعات ٿي وئي

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ميلي ۾ پهرين ميچ ۾ نيوزي لينڊ انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي

 2019ع جي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ به ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سنسني خيز مقابلو ٿيو هو آخرڪار انگليند کي سپر اوور ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو هو

گذريل ورلڊ ڪپ جون فائنلسٽ  ٽيمون احمد آباد  جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ ايونٽ جو آغاز ڪنديون، ٻنهي ٽيمن جو پلڙو هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ برابر ٿيل آهي

ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ون ڊي انٽرنيشنل ۾ 95 مقابلا ٿيا، جن مان 45 انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ 44 ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ان کان علاوه 4 ميچز بنا نتيجي  ۽ 2 ميچز برابر ٿي چڪيون، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ 2023ع جي ڪئمپين جي شروعات سڀاڻي کان نيدرلينڊ خلاف ميچ سان ڪندي

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع جي 45 گروپ ميچز 5 آڪٽوبر  کان 12 نومبر، ايونٽ جا 2 سيمي فائنلز 15 ۽ 16 نومبر تي کيڏيا ويندا، ورلڊ ڪپ فائنل احمد آباد ۾ موجود دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽيڊيم ۾ 19 نومبر تي کيڏيو ويندو