ورسي جي مناسبت سان … سيد اڪبر: لاڙ جو مزاحمتي ڪردار

0
115
ورسي جي مناسبت سان ... سيد اڪبر: لاڙ جو مزاحمتي ڪردار

  “جهانگياڻي اُٿ ڀر تون جهول، مَڪ پٽڻ جي مند اچي وئي” جهڙيون لافاني سٽون فقط سيد اڪبر ئي سرجي سگهي ٿو. لاڙ جي مٽي جتي فاضل راهو، قاسم پٿر، پنهون زئور جهڙا مزاحمتي ڪردار پيدا ڪيا، اتي غلام حسين رنگريز، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ سيد اڪبر جهڙا مزاحمتي شاعر ۽ اديب پڻ پيدا ڪيا آهن. سيد اڪبر ضلعي سجاول جي تعلقي ميرپوربٺوري جي ڳوٺ درملوڪ شاھ ۾ سيد الهڏني شاھ جي گهر ۾ پهرين فيبروري 1943ع ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺاڻي اسڪولن مان حاصل ڪرڻ بعد ميٽرڪ جامعه عربيه هائي اسڪول حيدرآباد مان ڪئي. هن سنڌ يونيورسٽي مان 1968ع ۾ بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. سيد اڪبر شاھ 1962ع ۾ پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ميرپور بٺوري جي پي سي اسڪول ۾ سندس پهرين پوسٽنگ ٿي، جنهن کان پوءِ مختلف اسڪولن تي پڻ هن ڊيوٽي ڪئي. استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۾ سرگرم ڪارڪن طور حصو ورتو ۽ 1972ع ۾ پ ٽ الف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ ٿيو. سيد اڪبر سياسي طور تي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو ۽ عوامي تحريڪ جو 1968 ۾ بنياد وجهندڙن مان به هو. کيس سياسي طور سرگرم رهڻ سبب سرڪار جا ڏمر به برداشت ڪرڻا پيا ۽ کيس 1978 ۾ ضلعي بدر ڪري بدين جي ڏورانهين اسڪول موڪليو ويو.

سيد اڪبر استاد، شاعر، قومي ڪارڪن، ڪهاڻيڪار ۽ سٺو ليکڪ پڻ هو، ۽ سياست ۾ سٺي ڄاڻ سان گڏ ادبي کيتر ۾ به سندس ڪافي محنت هئي ۽ سنڌ جي ترقي پسند ليکڪن ۾ سندس شمار هو. سندس ادبي مواد شاعري، ڪهاڻيون ۽ نثر مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن ماهوار تحريڪ، بادل، هلال پاڪستان، عبرت ۽ ٻين ۾ شايع ٿيندو رهيو پر افسوس آهي جو سندس حياتي ۾ سندس قلمي پورهيو شايع ٿي نه سگهيو ۽ سيد اڪبر شاھ تعليم کاتي مان جنوري 2003ع ۾ رٽائرمينت وٺڻ کان پوءِ 27 جون 2003 تي هيپاٽائيٽس جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي وفات ڪري ويو. سندس وفات کان پوءِ سندس خاندان جي فردن ۽ دوستن پاران سيد اڪبر جي قلمي پورهئي کي ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو، جن ۾ لفظ ڳالهائين ٿا. سندس ڪتابن ۾، “ڪرڪي ڪائي ڪونج”، “سارون ۽ سنڀارون”، “هيرن جهڙو ماڻهو” شامل آهن.سيد اڪبر شاھ جي وفات کان پوءِ سندس خاندان ۾ سندس وڏو پٽ لطيف اڪبر شاھ سندس ادبي پورهئي کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي ۽ سيد اڪبر يادگار ڪميٽي جوڙي سندس اديب دوستن سان رابطي ۾ آهي، حڪومت پاران تعلقي ميرپوربٺورو جي نين تڪبندين ۾ يونين ڪائونسلز جو اضافو ڪندي هڪ يونين ڪائونسل علي اڪبر شاھ جي نالي تي پڻ قائم ڪئي وئي آهي