وارهه (ن پ ا) وارهه تعلقي ۾ پاڻي کوٽ برقرار، جي يو آءِ جي ڌرڻي ۾ ڊي سي قمبر پاران پاڻي پهچائڻ جو واعدو وفا نه ٿيو، ٻيهر ڌرڻي جو اعلان. وارهه تعلقي جي مختلف شاخن ڪنئور، نصير، پنا، تنيا مائينر، لنڊي ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ برقرار پاڻي کوٽ خلاف جميعت علماءِ اسلام تعلقي وارهه پاران 3 ڏينهن اڳ نصيرآباد باءِ پاس تي لڳايل ڌرڻي واري هنڌ ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ قمر رضا بلوچ پاران ڌرڻي ۾ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري 24 ڪلاڪن ۾ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو هو، مهلت جو وقت پورو ٿيڻ باوجود پاڻي نه پهچڻ بعد جميعت علماء اسلام تعلقي وارهه جي صدر مولوي محمد صديق مڱڻيجو، مفتي عبدالحليم ڇٽو، مولوي محمد آصف ٻگهيو، حافظ حسين احمد مڱڻيجو ۽ ٻين وارهه پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وارهه تعلقي اندر پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، علائقي مان لڏپلاڻ شروع ٿي رهي آھي، علائقي اندر ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي لکين رپين جا ٻيجارا سڙي رهيا آھن. هنن چيو ته پاڻي کوٽ خلاف نصيرآباد ۾ ڌرڻو هنيو ته ڊي سي قمبر ڪوڙا واعدا ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ پاڻي به نه پهچايو ويتر پاڻي گهٽ ٿي ويو آھي هنن چيو ته 10 محرم الحرام بعد 21 آگسٽ تي ٻيهر پاڻي کوٽ خلاف نصيرآباد انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو پڇڙي تائين پاڻي پهچڻ تائين جاري رکيو ويندو.