اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاناما، کنڊ، اٽي، پيٽرول اسڪينڊل جي انڪوائرين جي سربراهي ڪندڙ ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياءَ سميت مختلف آفيسرن جي رٽائرمينٽ جا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڊي جي ايف آءِ اي طور ڪم ڪندڙ پوليس گروپ جي گريڊ 22 جو آفيسر واجد ضياءَ 27 مارچ 2022ع تي رٽائرڊ ٿيندو، جڏهن ته کنڊ، اٽي، پيٽرول اسڪينڊل جي جاچ ڪاميٽين ۾ شامل ايف آءِ اي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ابوبڪر خدا بخش 7 جنوري 2022ع تي رٽائرڊ ٿيندو، ابوبڪر خدا بخش جهانگير ترين خلاف کنڊ اسڪينڊل خلاف جاچ کي به ڏسي رهيو آهي، ان کانسواءِ پوليس گروپ جي گريڊ 22 جو آفيسر ڪيپٽن (ر) عارف نواز خان 27 آگسٽ 2021ع، پوليس گروپ جي گريڊ 22 جو آفيسر ڪيپٽن (ر) احمد لطيف 12 آگسٽ 2021ع، آءِ جي موٽروي طور ڪم ڪندڙ پوليس گروپ جي گريڊ 22 جو آفيسر ڊاڪٽر ڪليم امام 24 اپريل 2022ع، پوليس گروپ جي گريڊ 18 جي آفيسر خالده پروين 11 ڊسمبر 2021ع، پوليس گروپ جي گريڊ 21 جو آفيسر شاهد حنيف 8 مئي 2022ع، پوليس گروپ جو گريڊ 19 جو آفيسر ذوالفقار احمد 7 مئي 2022ع، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ پوليس گروپ جو گريڊ 21 جو آفيسر ڊاڪٽر ولي الله 20 آڪٽوبر 2021ع، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ پوليس گروپ جي گريڊ 21 جا آفيسر ڊاڪٽر جمال احمد 24 آگسٽ 2021ع، عباس حسين ملڪ 4 آگسٽ 2021ع، سيد امتياز الطاف 23 مئي 2022ع، ڪيپٽن (ر) ظفر اقبال 7 مارچ 2022ع، طارق نواز ملڪ 31 جولاءِ 2021ع، سيد افضل آفريدي 8 جنوري 2022ع، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ محمد عارف حنيف 5 مارچ 2022ع، پوليس گروپ گريڊ 20 جي آفيسرن ۾ محمد عمر 31 مئي 2022ع، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ احمد يار چوهاڻ 14 مارچ 2022ع، ساجد علي 5 جنوري 2022ع، گريڊ 19 جي پوليس آفيسرن ۾ محمد ياسين 7 اپريل 2022، ابو رشيد 9 اپريل 2022ع، خالد رشيد 8 آڪٽوبر 2021ع، رانا شجاعت علي 19 مارچ 2022ع، گريڊ 18 جي پوليس آفيسرن ۾ ملڪ محمد طارق 8 نومبر 2021ع، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ الطاف حسين لغاري 27 ڊسمبر 2021، محمد جعفر 4 مئي 2022ع،محمد انور خان 26 جولاءِ 2021ع، افتخار احمد 9 مئي 2022، زاهد اقبال 26 ڊسمبر 2021، سردار بهادر 9 مئي 2022ع، محمد اشفاق خان 31 آگسٽ 2021ع، سيف المرتضيٰ 7 جون 2022ع، احسان الله 9 جنوري 2022ع تي رٽائرڊ ٿيندا، اهڙن پوليس آفيسرن جي رٽائرمينٽ جا نوٽيفيڪشن اسٽيبلشمينٽ باضابطا طور تي جاري ڪري ڇڏيا آهن.