هڪ مدبر جو وڇوڙو

0
262
هڪ-مدبر-جو-وڇوڙو

  هن جا ابا ڏاڏا Cossacks قزاق هئا، هي بي قابو ڀاڳيلا، ٻه صديون اڳ يوڪرائين مان لڏي روس جي وولگا واري وادي ڏانهن منتقل ٿيا هئا. رائج الوقت اصطلاح bonded labour  کي سياسي لغت ۾ serfdom سڏيو ويندو آھي. جديد تاريخ ۾ پهريان ماڻھو شايد يوڪرائيني قزاق هئا جن روسي وڏيرن جي نافذ ڪيل serfdom ”پابند هاري“ بنجڻ کان بغاوت ڪئي هئي، جھنگ ۽ جبل وسايا هئا، هارپي بدران آزاد جنگجو جوڌو بڻجڻ کي ترجيح ڏني هئي. ٽن اپکنڊن تائين روسي سلطنت جي ڦھلاءِ ۾ قزاقن جو وڏو ڪردار هو. روسي وڏيرن جي چُرچَ تي پهريان عربن ۽ پوءِ اسان سنڌين به قزاقن کي ڌاڙيل ۽ ڀاڳيلو سڏيو، جڏهن ته ترڪي ٻولي جي هن لفظ جي معنيٰ  آھي ”آزادي پسند“.

                 ڪجھه به هجي پر هنن بي قابو ڀاڳيلن کي روسي  لوڪ ادب ايئن امر بڻائي ڇڏيو جيئن ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ لاکي ڦلاڻيءَ ۽ سپڙ ڄام جي ڪردارن کي مڃتا ڏني هئي. قزاقن جي اهڙي آزاد فطرت جو gene گورباچوف کي به ورثي ۾ مليو هو. هونئن به سائنس توڙي مذھب ۾ موروثيت کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، نسلي طور ورثي ۾ مليل گُڻَ ۽ اَوَگُڻ هر لحاظ کان تسليم ٿيل حقيقتون آھن.

يوڪرائيني، گورباچوف جي گهر ۽ ڳوٺ جي زبان هئي، وڏا شھپر رکائڻ سندن روايتي شان ۽ مان جو حصو هئا. جواني ۾ هڪ دفعو وڏڙن جي اها رسم به هن پوري ڪئي هئي. پر روس جي سرزمين تي ٻه صديون گذارڻ سبب هُو ھميشھ لاءِ روسي قوم ۽ روسي ثقافت جو حصو بڻجي ويا هئا. يوڪرائني قزاق هجڻ جي ناتي سندس اصلي ذات ”گوپڪالو“ هئي جيڪا صديون لتاڙيندي روسي قوميت اختيار ڪري گوپڪالو مان ڦري گورباچوف ٿي پئي. ياد رکڻ گهرجي ته اڪثر يوڪرائني family name ”او“ حرف تي ختم ٿيندا آھن جيئن شيفچنڪو يا ماسڪولينڪو. اهڙي طرح روسي يهودين جي ذات پٺيان ”اسڪي“ لفظ هوندو آھي جيئن ٽراٽسڪي يا درييزنسڪي، اهڙي طرح نج روسي ذاتيون وري”ايف يا اوف“ لفظ تي ختم ٿينديون آھن جيئن برزنيف ۽ آندرو پوف.

سندس ڄمڻ وقت نرڙ کان ڪجھه مٿڀرو ڄائي ڄم واري نشان ڳوٺ جي قزاق عورتن ۾ ڦڙڦوٽ پيدا ڪري وڌي هئي. ڪنهن کي ان ۾ سندس عظمت پئي نظر آئي ته ڪنهن وري ان کي نحوست سان پئي تعبير ڪيو. قبائلي روايتون ۽ سنئوڻ ساٺ به ڪڏهن حقيقت جو روپ ڌاريندا آھن. ڇو ته  انهي نشان جي عظمت ۽ نحوست جون تعبيرون موت کان پوءِ به سندس پيڇو ڪري رهيون آھن ۽ ٻي دنيا سان گڏ سنڌ ۾ به ڪي کيس واقعي عظيم پيا سمجھن ته ڪي سندس مُئي پڄاڻان به کانئس نفرت جو اظھار ڪري رهيا آھن. جڏهن ته مئن سان مامرا ٿيندا ئي ناهن. پر گوربي جي عجب زندگي جي غضب ڪهاڻي مزيدار به آھي ۽ پڙھڻ جهڙي به.

اهو اسٽالن جو دور هو جڏهن مذھبن تي مڪمل پابندي هئي، ان باوجود به نحوست جي خوف سبب سندس ڏاڏِي لوڪان لڪائي پنهنجي ڳوٺ ”پِرِي وولنوئِي“ جي چَرچَ ۾ کيس وٺي وڃي پاڪ پاڻي سان پوتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جيئن ڪا ممڪنه نحوست سندس پوٽي ويجھو نه اچي سگهي. هن جو ڏاڏو KGB طرفان انقلاب دشمن الزام جي ور چڙھي جيل پهتو ۽ اتي ئي گذاري ويو هو، ڏاڏنهس ته کيس پاليو هو جڏهن ته سندس والد ٻي عالمي جنگ ۾ جرمن فوج سان وڙھندي ماريو ويو هو، تڏهن هو اڃا اٺن نَوَن سالن جو ٻار هو. انهن سڀني واقعن گورباچوف جي زندگي تي وڏا اثر ڇڏيا. هڪ سزا کاڌل ”انقلاب دشمن“ ڏاڏي جو پوٽو، ڪي جي بي جي هر امتحان ۾ پاس ٿيندو برزنيف جي وقت ۾ اچي پولٽ بيورو جو ميمبر ٿيو. اها ڳالھه تصور کان ٻاهر آھي ته سوويت دور ۾ ان جي ڪنهن هڪڙي شھري به ڪي جي بي جي ڪليئرنس کان سواءِ ڪا ترقي ماڻي هجي، هتي ته پولٽ بيورو جي ميمبرشپ هئي. تنهن ڪري اهو چوڻ فقط هڪ مفروضو ئي سمجھڻ کپي ته گورباچوف ڪو آمريڪي ايجنٽ ھو ۽ ڪي جي بي کيس پرکڻ ۾ فيل وئي هئي. پروفيسر سخاروف جيڪو پاڻ ڪي جي بي جي بربريت جو شڪار رهيو پنهنجي هڪ تحرير ۾ هن ايجنسي جي آفيسرن جي مهارت ۽ لياقت جون تعريفون ڪيون آھن. درحقيقت سوويٽ يونين ۾ ڪميونسٽ پارٽي سڀ ڪجھه هئي جتي هن اڪيلي پارٽي کي آئيني تحفظ مليل هو، جنهن هيٺ پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ، پارٽي ڊڪٽيٽرشپ جو روپ ڌاريو هو ۽ سخاروف انهي ڪميونسٽ ڪامورا شاهي جو مخالف هو. جنهن جي نظربندي، گورباچوف اقتدار ۾ اچي ختم ڪئي هئي.

دهرئي گوربي تي پنهنجي ڏاڏِيءَ جي مذھبي سنئوڻن ساٺن به شايد اثر ڇڏيو هو جو اقتدار ۾ اچڻ شرط هن سوويٽ عوام کي مذھبي رسمون ادا ڪرڻ جي سرڪاري سطح تي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي. سندس والد جيڪو جرمن فوج هٿان ماريو ويو، انهي جرمن قوم کي  ٻيهر متحد ڪرڻ جو ڪريڊٽ به هن ڏانهن وڃي ٿو جنهن عمل سان خود مغربي دنيا  حيرت ۾ پئجي وئي هئي. هن يونين ۾ شامل سوويت جمهوريائن کي لينن جي نظرئي پٽاندڙ خودمختياري ڏيڻ لاءِ پنهنجي پروگرام پرسترائيڪا ذريعي ساڻن نئون عمراني معاهدو ڪرڻ پئي چاهيو ۽ سوويت سماج کي نئين سر اڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

جيئن مذھبي پروهتن وٽ اختلاف راءِ جي گنجائش نه هوندي آھي تيئن روسي ڪميونسٽن بالشويڪ انقلاب کان پوءِ ماڻھن جي سوچ ۽ لوچ تي تالا لڳائي ڇڏيا هئا حرام جو ڪا ٻِڙڪَ ٻاهر نڪري. هن ”گلاس نوسٽ“ پروگرام ذريعي ماڻھن جي زبان ۽ قلم تي لڳل پابندين کي ٽوڙي ڇڏيو هو جيڪو سوويت معاشري ۾ هڪ ناقابل يقين عمل هو. اهڙن مدبرانه عملن سبب ئي دنيا جا باشعور ڪميونسٽ ۽ جمهوريت پسند لبرل قومپرست سندس سياسي ساک ۽ عظمت جو اعتراف ڪري رهيا آھن. نه وسارڻ گھرجي ته انهن پروگرامن جي خالق خود ڪي جي بي هئي، جنهن جو سربراه آندروپوف هو جيڪو لڳاتار 15 سال KGB جو سربراهه رهيو. گورباچوف کانسواءِ  ليگاچوف، ارباتوف، شاه نظروف ۽  برلاتسڪي جهڙا ناميارا ڪميونسٽ سندس ٽيم جو حصو هئا. اهو آندروف جو ڪمال هو جنهن پندرنهن سال CIA کي اها خبر ئي پوڻ نه ڏني هئي ته ڪو روس ڪنهن سخت اقتصادي بحران ڏانهن وڌي رهيو آھي. آندروپوف ٿورو عرصو حڪومت ڪئي کانئس پوءِ گورباچوف ويهارو سال اڳ پيدا ٿيل اقتصادي بحرانن جو شڪار ٿيو.   گورباچوف کي ڪميونسٽ رياست بچائڻ لاءِ اهي عمل ڪرڻا هئا. رياست، پارٽي ۽ روسي سماج جي نئين سر تعمير ڪرڻي هئي. اهو مدبرانه عمل هو. وقت ۽ حالتن جي گهرج هئي. اسان کي ان دور جي هن باشعور مارڪسسٽ تي پٿر نه اڇلائڻ گهرجن.

تاريخي طور جرمني ڏانهن روسي ڪميونسٽن جو رويو هميشھ دوستاڻو رهندو آيو هو. بالشويڪ انقلاب کان پوءِ لينن ساڻن هلندڙ جنگ جو خاتمو آندو، اسٽالن هنن سان جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو ڪيو، پر پوءِ به هٽلر جڏهن روسين تي جنگ مسلط ڪئي ته برلن فتح ڪرڻ کان پوءِ اسٽالن اڪيلو ليڊر هو جنهن جرمني کي متحد رکڻ جي ڪوششن ڪئي هئي. سرمائيدار دنيا جي کاتي ۾ ڪيتريون ئي تاريخي بدديانتيون شمار ٿي سگهن ٿيون. جرمني کي ورهائڻ جو الزام ڪميونسٽن تي لڳائڻ به اهڙي بدديانتي هئي. جڏهن ته حقيقت ۾ جرمني کي واشنگٽن، لنڊن ۽ پئرس پهرئين ٽن ۽ پوءِ ٻن حصن ۾ ورهائڻ تي زور ڀريو هو. پوٽسڊيم ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان اڳ ان جي ايجنڊا تيار ڪرڻ مهل اتحادي طاقتن وچ ۾ ٿيل لکپڙھ تي نظر وجھڻ سان ان ڳالھه جي مڪمل شاهدي ملي ٿي. پيوٽن جيڪو جرمني ۾ ڪي جي بي جو ڪرنل هو سو ان ڳالھه تي به مٿس ڪاوڙيل آھي. منهنجي خيال ۾ جرمني کي متحد ڪرڻ وارو سندس عمل لينن ۽ اسٽالن جي سنت جي پيروي هئي. اهو الزام به بدديانتي تي ٻڌل آھي ته ڪو مارگريٽ ٿيچر کيس مارڪسزم کان برغلايو هو. جڏهن ته ٿيچر جي لکڻين مان اها ثابتي ملي ٿي ته گورباچوف ذري گهٽ کيس نيٽو کي بنھه ختم ڪرڻ تي آماده ڪرڻ وارو هو. ٿوري وقت لاءِ  ڪنهن عام ڪميونسٽ سان ڪنهن موضوع تي بحث ڪري ڏسو توهان کيس مات نه ڏيئي سگهندا. هي ته گورباچوف هو، پارٽي ۽ ڪي جي بي جو تيار ڪيل ڪميونسٽ.  ٿيچر ۽ ريگن جي ڇا مجال هئي جو کانئس کٽي سگهن ها. چوندا آھن ته شڪست لاوارث ھوندي آھي. گورباچوف ڪاموري ڪميونسٽ کان هارائي ويو هو. دنيا ۾ مدبر سياستدان ڪن خاص حالتن ۾ پيدا ٿيندا آھن جيڪي معاشري ۽ ملڪن جي ترقي جي عمل ۾ اثرانداز ٿيندا آھن. مارڪس اينجلز ۽ لينن خاص حالتن جي پيداوار هئا ڪامياب ٿيا ۽ گورباچوف ناڪام. پر ڪوئي پٿر نه ماري اس ديواني ڪو.

[email protected]