هٿين خالي آيو هيس، ڪراچي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو: بلال قريشي

0
482
هٿين خالي آيو هيس

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار بلال قريشي پنهنجي زندگي جي لاهن چاڙهن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ بلال قريشي چيو ته جي آئون پنهنجي ڳالهه ڪريان ته هن شهر ۾ خالي کِيسو کڻي آيو هيس، پر ڪراچي توهان کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏي ٿو.اداڪار ٻڌايو ته ان جو تعلق لاهور سان آهي پر ڪراچي کيس گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، ايتري تائين جو انکي گهرواري به هن ئي شهر مان ملي.

هن سوال جو جواب ڏيندي چيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ دٻاءُ تمام گهڻو آهي هتي ماڻهو ڪنهن جي وزن ۽ ڪنهن جي ڊگهي ۽ ننڍي قد تي تبصرو ڪندا آهن ۽ خبر ناهي ڪڏهن اسان جو معاشرو ان فضوليات مان ٻاهر نڪرندو جيتوڻيڪ انهن ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران انسان کي پنهنجي ڪم تي فوڪس ڪرڻ گهرجي.بلال قريشي چيو ته هن بسن جا چڪر به ڪٽيا آهن آڊيشنز جون ڊگهون قطارون به برداشت ڪيون آهن، ڏکئي وقت ۾ ان کي اهو خيال به آيو ته ڀلا رڳو مان ئي ڇو ڏکيائين جو شڪار بڻيس پر آخرڪار نيٺ مان ڏکيائين مان نڪتس.