عامر خان جي ٽيون ڀيرو گهوٽ بڻجڻ واريون خبرون ڦهليل

0
236
عامر خان جي ٽيون ڀيرو گهوٽ بڻجڻ واريون خبرون ڦهليل

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪار عامر خان بابت جلد ٽئين شادي ڪرڻ وارو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪار عامر خان ٽئين شادي جو اعلان پنهنجي نئين فلم لال سنگهه ڇڊا جي رليز ٿيڻ کان پوءِ ڪندو

گڌو گڌ اهو به چيو پيو وڃي ته جنهن اداڪارا سان شادي جو امڪان آهي اها ماضي ۾ پڻ ساڻس گڏ ڪم ڪري چڪي آهي ،عامر خان هلندڙ سال ئي پنهنجي ٻي زال ڪرن رائو کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي جنهن مان هڪ پٽ آزاد رائو آهي طلاق کان پوءِ عامر خان جو نالو اداڪارا  ثناءِ شيخ سان جوڙيو پيو وڃي.