اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هي بِل ڪنهن جو آ؟ قومي اسيمبلي ۾ صحافين جَي تحفظ بابت پيش ڪيل بل جِي مالڪِي تي تڪرار پيدا ٿي ويو، پ پ ايم اين اَي نفيسا شاهه بل پيش ڪيو ته پي ٽي آءِ جِي شيرين مزاري چيو ته، اُهو بِل منهنجو آهي، بِل جو هڪ هڪ لفظ منهنجَي بل جو آهي، اهڙي بل تي ڏيڍ سال کان محنت پئي ڪريان، خدا جَي واسطَي بي ايماني نه ڪريو، نفيسا شاهه الزامن کي رد ڪندي چيو ته، اهو بل 2012ع ۾ اسان پيش ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين گهمي رهيو آهي، ميڊيا هائوسز ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ سان گڏجي مَتن تيار ڪيو آهي، نواز ليگ جِي مريم اورنگزيب ورِي چيو ته اهو بل اسان 2015 ۾ پيش ڪيو هو، هتي صحافين سان ظلم ٿي رهيو آهي پر افسوس جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ بل کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، اسپيڪر اسد قيصر چيو ته، ڪجهه وقت ڏيو، معاملي کي مان پاڻ ڏسان ٿو.