نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا ۾ خوش لباس ماڻهو ته ٻڌا آهن پر هن همراهه تي فيشن جي حد ئي ڪري ڇڏي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هو کاڌي جي کڏ هجي ۽ هر وقت کائيندو رهندو هجي، کاڌي جي سڪ پوري ڪرڻ لاءِ هن هي ڪپڙا پهريا هجن. جن تي ڊونٽ ۽ پيزا ڇاپيل آهن پر هي اهڙا ڪپڙا آهن جو هنن کي ڏسندي ئي بک لڳڻ شروع ٿيندي آهي ۽ هي فوٽو ڪڍندڙ به فوٽو ڪڍڻ بعد ڊوڙي وڃي پيزا يا ڊونٽ کاڌا هوندا. هن جي شرٽ تي لکيل آهي ته کاڌو زندگي آهي يعني هي شخص کائڻ لاءِ جيئي ٿو.