ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) نئين تحقيق موجب گھڻي ورزش ماڻهو کي تمام جلد پوڙهو ڪري ڇڏيندي آهي. پنهنجي عمر کي وڌيڪ تيزي سان وڌڻ کان روڪڻو آهي ته گھڻي ورزش کان پاسو ڪريو. پنجٽيهه ورهين جي سائنسدان اينڊيو اسٽيل پنهنجي نئين تحقيق ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن توهان گھڻي وقت تائين تندرست ۽ توانا رهڻ چاهيو ٿا ته ورزش ڪرڻ کان پاسو ڪريو ۽ پنهنجي ڏندن جي صحت جو به خيال رکو. هن چيو ته صحت مند غذا، سگريٽ کان پاسو ۽ اعتدال پسند ورزش سان وڏي عمر جو ٿيڻ واري عمل کي سست ڪري سگھجي ٿو ۽ مختلف بيمارين کان پڻ بچي سگھجي ٿو. هن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ صحتمند عادتن کي شامل ڪريو ته توهان هميشه صحتمند رهندئو. اينڊريو اسٽيل وڌيڪ چيو ته سڄو ڏينهن ويهي ڪم ڪندڙن کي صلاح آهي ته اهي هڪ ڪلاڪ ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج منٽن لاءِ ضرور پنهنجي سيٽ تان اٿن. هن چيو ته جيڪڏهن توهان ڏينهن ۾ بلڪل به وزرش ناهيو ڪندا ته صرف ڏهه منٽ پنڌ ڪرڻ سان به توهان جي زندگي ۾ تبديلي اچي سگھي ٿي. اينڊريو موجب گھڻي ننڊ به توهان جي صحت کي متاثر ڪري سگھي ٿي، ان ڪري ننڊ جي معاملي ۾ به اعتدال کان ڪم وٺڻ گھرجي. 24 ڪلاڪن ۾ صرف 7 يا 8 ڪلاڪ جي ننڊ توهان جي صحت لاءِ سٺي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر جي اجازت کان سواءِ سپليمينٽ نه وٺڻ گھرجي. متوازن هلڪي غذا ۽ اس ۾ وقت گذارڻ جو عمل به توهان جي جسم جا وٽامنز پورا ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن توهان واقعي صحت مند زندگي گذارڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي غذا ۾ ڀاڄين کي اهميت ڏيو ۽ گوشت جو مقدار گھٽائي ڇڏيو. ڀاڄيون وزن وڌائڻ کان به روڪين ٿيون. صحت مند زندگي لاءِ ڏندن جي صفائي به نهايت ضروري آهي اهو عمل توهان کي دل جي بيمارين کان محفوظ رکي ٿو.