همايون شريف: يوسي چيئرمين سميت 2 ڄڻن جو قتل نئون رخ اختيار ڪري ويو

0
421
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل

همايون شريف (رپورٽر) 3 ڏينهن اڳ يوسي چيئرمين سميت 2 ڄڻن جو قتل نئو رخ اختيار ڪري ويو  آهي، همايون شريف ۾ 3 ڏينهن اڳ يوسي چيئرمين خادم ڀيو ۽ لال محمد ڀيو جو قتل ڪيس نئو رخ اختيار ڪري ويو

ڀتو نه ڏيڻ تان نوجوان کي معرفاڻي برادري جي ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيوويو، ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي، سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ 3 ڏينهن اڳ قتل ڪيل، خادم ڀيو ۽ لعل  محمد ڀيو جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

مسمات مُنلِ خاتون زال منظور ڀيو جي فرياد تي سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي 23 جوابدارن مٿان  ڪيس داخل، ڪيس جي متن موجب ڀتو نه ڏيڻ تان معرفاڻي برادري جي ماڻهن خادم ڀيو ۽ لعل محمد ڀيو کي گوليون هڻي قتل ڪيو

ڪيس ۾ مک جوابدار عبدالرحمان معرفاڻي ڄاڻايو ويو، ٻين جوابدارن ۾ محمد نواز معرفاڻي، ظريف ۽ ٻيا شامل آهن، خادم حسين، شاهد، ضمير، الطاف، سونو، نورحسن، ڀورو، شاهين عرف غني قتل ڪيس ۾ نامزد آهن

ڪيس ۾ عبدالرحيم جاويد، ڏاڏو  ۽ ڪريم بخش معرفاڻي سميت 23  ڄڻن جا نالا شامل ڪيا ويا

واقعي بعد علائقي ۾ گذريل 3 ڏينهن کان خوف ڇانيل، ٻئي  ڌريون مورچا بند بڻيل آهن، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  مختلف ڳوٺن تي چڙهايون  ڪري رهيا آهيون

هي به پڙهندا

ڀٽ شاهه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پٽ هٿان ماءُ قتل