اسلام آباد: وفاقي حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ ملڪ جي آبادگارن ۽ هارين کي 800 ارب رپيا وڌيڪ مليا آهن. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير دعويٰ ڪئي ته ملڪ مي اهم فصلن جي پيداوار ۾ تاريخي اضافو ٿيو جنهن سان آبادگارن کي 3100 ارب رپين جي آمدني ٿي. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ گذريل مالي سال ۾ آمدني 2300 ارب رپيا هئي. انهن جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان آمدني جو وڏو حصو گهٽ آمدني وارن آبادگارن کي مليو جنهن جي زرعي زمين 12.5 ايڪڙن کان به گهٽ آهي.