حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سال 2021ع روڊ حادثن توڙي ڪورونا سبب عوام لاءِ ڳرو سال ثابت ٿيو ايڌي سينٽر حيدرآباد  پاران جاري سالياني رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ سال قومي شاهراهه سميت مختلف روڊن تي حادثن دوران 168 مرد ۽ 10 عورتون فوت ٿيون جڏهن ته حادثن دوران 368 ماڻهو زخمي به ٿيا جن کي علاج لاءِ اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو اهڙي ريت ڪورونا سبب سول اسپتال سميت ٻين اسپتالن مان انهن 71 مرد ۽ 41 عورتن جا مڙهه کڻي وارثن وٽ پهچايائ اهڙي ريت شهر جي مختلف علائقن مان کين 121 لاوارث مردن ۽ 5 عورتن جا لاش پڻ هٿ آيا جن جي غسل ڪفن بعد مقامي قبرستانن ۾ تدفين ڪئي وئي، ايڌي انچارج معراج الدين قريشي موجب ته شهر ۾ گهريلو جهيڙن سبب 8 مردن ۽ 2 عورتن سميت 10 ڄڻن آپگهات ڪري زندگي جو انت آندو شهر مان هلندڙ سال کين 12 تازن ڄاول ٻارن جا لاش پڻ هٿ آيا پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن کي شهر مان 198 لاوارث مريض هٿ آيا، جن کي اسپتال پهچايو ويو جڏهن ته لاوارث بيمار بي گهر 40 مردن ۽ 24 عورتن کي انهن ايڌي هوم ڪراچي سينٽر پهچايو, ايڌي موجب ته کين شهر مان گم ٿيل 5 ڇوڪرا ۽ 2 ڇوڪريون به هٿ آيون هيون ايڌي سينٽر پاران جاري سالياني رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سال 2021ع دوران انهن 18 هزار 870 مريضن توڙي ميتن کي سروس فراهم ڪئي آهي.