هر ويلي نوڊلز کارائڻ تي مڙس تنگ ٿي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي

0
207
هر ويلي نوڊلز کارائڻ تي

نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي شهري روزاني مانيءَ ۾ نوڊلز کارائڻ تي زال کان تنگ اچي کيس طلاق ڏئي ڇڏي. پرنسپل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جي جج طلاق بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته نوڊلز کارائڻ تي طلاق جو معاملو بلاري ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پيش آيو

جتي مڙس عدالت کي ٻڌايو ته سندس گهر واريءَ کي خبر ئي نه آهي ته رڌ پچاءُ ڪيئن ڪربو آهي اها هر ويلي ماني ۾ بس نوڊلز ئي ڏيندي آهي

مڙس عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي گهر واري مارڪيٽ وئي ۽ ضروري شيون خريد ڪرڻ بدران صرف نوڊلز وٺي آئي ۽ ٽئي ويلا نوڊلز ئي ڏئي رهي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عدالت طرفان ٻنهي زال مڙس وچ ۾ صلح جي ڪوشش ڪئي وئي پر ٻنهي عليحدگي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

ھي به پڙھندا

گهوٽ ڪنوار هڪ ٻئي کي هارَ پارائڻ بدران نانگ ڳچي ۾ وجهي ڇڏيا