هالا(ن پ ا) هالا جي خانگي اسپتال جي ڀڃ ڊاهه واري واقعي جي الزام هيٺ آيل ڏاهري برادري پاران ٻيهر اسپتال تي چڙهائي ڪئي وئي، پي ايم اي جي عهديدارن پاران اسپتال تي چڙهائي جي مذمت ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٿاڻي تي احتجاج ڪيو ويو، هالا پوليس اسپتال ٻاهران پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي. علائقي جي معززشخصيتن پاران ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه لاءِ ٽياڪڙي سبب ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. اسپتال مالڪ ڊاڪٽر فرزانه شڪور ميمڻ ۽ پي ايم اي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالستار مير ميمڻ، عامر بهزاد ميمڻ وٽ رات دير تائين ڌرين جا معزز فيصلي لاءِ پهتل هئا، حتمي فيصلو اڄ ٿيندو، اسپتال مالڪ موجب چڱن مڙسن جي رابطي سبب ڪيس داخل ناهي ڪرايو امينن صحيح فيصلو نه ڪيو ته عدالت جو درکڙڪايو ويندو. ٻئي طرف باخبر ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته هالا سان تعلق رکندڙ سماجي ورڪر ۽ زميندار عامر بهزاد ميمڻ جي سرپئنچي ۾ ٻنهي ڌرين سان تعلق رکندڙ 8 ماڻهن عدلو ڏاهري، قربان ڏاهري، نواز ڏاهري عبدالرشيد ميمڻ،فيض محمد، ايڊوڪيٽ امداد ميمڻ، تاج محمد ميمڻ تي مشتمل ماڻهن وچ ۾ رات دير تائين ڳالهيون هلندڙ هيون، واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ غلام عباس ڏاهري کي ماڻهن جي گھرن ۾ گھڙندي پڪڙيو ويو هو، جنهن کي پوليس حوالي ڪرڻ لاءِ اسپتال آندو ويو جتي عباس جي وارثن حملو ڪري اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي. پوليس به اسپتال مالڪ بدران جوابدارن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو.