حيدرآباد پوليس جو ڪارنامو، مزدوري ڪري واپس ويندڙ نينگر کي گرفتار ڪر ي ورتو

0
343

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سائيٽ ٿاڻي جي پوليس جو ڪارنامو, پوليس مل تي مزدوري ڪندڙ نينگر تي جوا کيڏڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، نينگر محمد علي مڱڻهار جو چوڻ آهي ته ڪالهه شام مل تان واپس گهر پئي آيس ته هوٽل تي ويهي چانه پيتي، رستي ۾ بيٺل سي آءِ اي پوليس گرفتار ڪري سائيٽ ٿاڻي منتقل ڪيو، والد نظر علي مڱڻهار به مزدوري ڪندو آهي ايترا پئسا ناهن جو ضمانت ڪرايان، جڏهن ته عدالتي حڪمن کي نظر انداز ڪندي پوليس ننڍي عمر جي نينگر کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ ڪيترائي ڪلاڪ زمين تي ويهاري ڇڏيو، سائيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪالهه شام جو جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيو جنهن دوران 10 جواري گرفتار ڪيا هئا.