هالا: ڪچي جي علائقي سالارو ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان قتل

0
178
هالا: ڪچي جي علائقي

هالا(ن پ ا) هالا جي ڪچي واري علائقي سالارو ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي.

واقعي جي اطلاع تي سالارو پوليس پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال هالا منتقل ڪيو.

سالارو پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل همراهه جو نالو شريف بگٽي آهي جيڪو ديره بگٽي جو رهواسي آهي.

پوليس موجب قتل جو ڪارڻ پراڻي دشمني لڳي رهيو آهي، مقتول جا وارث ڪنهن جو نالو نه پيا ڏين، وڌيڪ جاچ جاري آهي.