هاري ڪارڊ ۽ حقيقي هاري جو ڪيس

0
36
هاري ڪارڊ ۽ حقيقي هاري جو ڪيس

 سنڌ حڪومت 2021ع ۾ ننڍن آبادگارن کي هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پوءِ وري 2023ع ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي منشور ۾ هاري ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان  ڪيو، جنهن کي پاڪستان پيپلز پاٽي جي چيئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم دوران پوري پاڪستان ۾ اهڙا اعلان  ڪيا. هاڻ وري مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز جي قيادت ۾ جڙيل پنجاب حڪومت پڻ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو. اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته هاري ڇا آهي؟ ان سان ڪنهن کي فائدو  ٿيندو!

                 ڊان اخبار 3 جنوري 2022ع جي شماري ۾ لکيو ته جيتوڻيڪ سنڌ جي زراعت  انيڪ مسئلن جو شڪار آهي پر اها سٺي ڳالھ آهي ته  سنڌ حڪومت 22-2021ع جي مالي سال ۾ 16 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ هارين لاءِ هاري ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ 3 ارب رپين جي سبسڊي شامل آهي. ان جو بي زمين هارين کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ سنڌ ۾ هاري جو اصطلاح بي زمين  هاري لاءِ  استعمال ٿئي ٿو، اهو 1950ع جي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ موجود آهي، جيڪو اڄ به موجود آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته ان تي عمل نه ٿيو آهي. ويتر پ پ سرڪار 2013ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ڇيڙ بيگار جيڪو 1950ع جي قانون ۾ غير قانوني قرار ڏنو ويو هو، ان ۾ ترميم ڪري ڇيڙ بيگار کي قانوني بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح  جبري پورهيو، جيڪو پاڪستان جي قانون موجب غير قانوني قرار ڏنو ويو، انهيءَ جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هڪ ٻي ترميم جي ذريعي مشينن ذريعي جيڪا پوکي راهي ٿيندي هئي، ان جي خرچ جو اڌ حصو هاري ۽ اڌ حصو زميندار تي پوندو هو، اهو به ختم ڪيو ويو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هاري ڪارڊ مان هارين کي ڪهڙو فائدو  ٿيندو؟ جيئن ته مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته هاري ڪارڊ 16 ايڪڙن کان گهٽ زمين وارن آبادگارن کي ڏنو ويندو. اهو سٺو فيصلو  آهي پر انهيءَ مان هارين کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. زميندار کي ته فائدو آهي پر اهو فائدو هاري ڏانهن منتقل نه ٿيندو.

برساتن جي تباھ ڪارين جي ڪري ننڍن آبادگارن کي 60 هزار في کاتي تي 2023 ۽ 2024 ۾ ڏنا ويا. جيتوڻيڪ  انهيءَ ۾ صحيح  ورهاست نه ڪئي وئي. ڪن هڪ خاندان جي چئن ڀاتين کي 60 هزار رپيا في فرد جي حساب سان مليا ته وري ڪنهن خاندان جي ستن کاتن هوندي هڪ کاتي تي سٺ هزار مليا. ڪيترائي ننڍا کاتيدار انهيءَ رقم کان محروم رهيا پر جن کي ملي، انهن ۾ حقيقي هارين گهٽ هئا. بهرحال اهو هارين جي نالي تي زميندارن کي فائدو پهچائڻ جو عمل آهي. ننڍا آبادگار به پيڙيل طبقن جو حصو آهن. هاري جو نالو وٺي انهن کي ڀلي ڪارڊ جاري ڪجي پر بي زمين هاري جيڪي سماج جو سڀ کان وڌيڪ پيڙيل طبقو آهي، انهيءَ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. اسان جو سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ننڍن کاتيدارن لاءِ ڌار پيڪيج ڏنو وڃي. هاري ڪارڊ خقيقي بي زمين هارين کي ڏنو وڃي، جيڪي غربت جي چڪيءَ ۾ پيڙجي رهيا آهن. کين ٻن وقتن جي ماني بہ نصيب نٿي ٿئي.