ن ليگ پرويز الاهي جي بحالي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي، شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس دوران فيصلو

0
171

لاهور: مسلم ليگ (ن) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي بحالي واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي رهائشگاهه تي پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ (ن) ليگ جي ميمبرن به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

اجلاس ۾ چوڌري شجاعت طرفان ق ليگ اڳواڻ طارق بشير چيما به شريڪ ٿيو، جنهن دوران پنجاب جي وڏي وزير بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو

 ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي وڪيلن پنجاب جي وڏي وزير جي بحالي بابت عدالتي فيصلي خلاف درخواست تيار ڪري ورتي آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران چيو ويو ته  اعتماد جي ووٽ تي پرويز الاهي کي ڏنل مڪمل اختيار چونڊن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا