نگران وزير اعظم جي مقرري: هڪ وڏو ‘سرپرائيز’

0
155
نگران وزير اعظم جي مقرري: هڪ وڏو ‘سرپرائيز’

 9 آگسٽ 2023ع تي وزيراعظم جي سفارش تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي صدر عارف علوي مننظوري ڏني هئي، آئين تحت اسيمبلي ٽٽڻ جي ٽن ڏينهن اندر وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر کي نگران وزيراعظم جي مقرري بابت فيصلو ڪرڻ جي مدت مليل هئي، ان حساب سان وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وٽ ڪالهه 12 آگسٽ وارو ڏينهن مدت جو آخري ڏينهن هو، ائين ڪالهه آخري ڏينهن تي وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿي ويو. ڪالهه جيئن مختصر ملاقات بعد وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي اتفاق ٿي ويو, ان مان لڳي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ وزيراعظم کي آخر ۾ ڪهڙو فيصلو ٿيندو؟ بابت معلوم هو. اگر ائين نه هجي ها ته وزيراعظم اتحادي پارٽين سان مشاورت لاءِ ڀلي وقت نه وٺي ها پر نواز شريف سان مشاورت لاءِ ته وقت ضرور وٺي ها، ڇو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته وزيراعظم ميان نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪنهن نالي تي اتفاق ڪري ڇڏي. خير وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي ٿيل اتفاق مان لڳي ٿو ته اتحادي پارٽين توڙي ميڊيا ۽ ملڪ واسين لاءِ اهو فيصلو سرپرائيز آهي، ڇو ته جنهن باپ پارٽي جي سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بنائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ان جو نالو ڪالهه تائين نگران وزيراعظم جي امڪاني نالن مان به ڪنهن ميڊيا تي نالو نه هليو، نه ئي ڪنهن ان جو امڪان ئي ظاهر ڪيو، پ پ پ ۽ ن ليگ اڳواڻن تي ٻڌل جيڪا ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، ان جيڪي وزيراعظم کي 5 نالا ڏنا، انهن نالن ۾ به انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو شامل نه هو، اهو ئي سبب آهي ته نگران وزيراعظم جي نالن کي حتمي صورت ڏيڻ لاءِ قائم ڪاميٽي ۾ شامل پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد خورشيد شاهه حيرت جو اظهار ڪندي اهو به چئي ڇڏيو آهي ته اگر انوار الحق ڪاڪڙ بجاءِ ڪو ٻيو نالو هجي ها ته بهتر ٿئي ها. خورشيد شاهه جي چيل لفظن ۾ جاري بيان گهڻو ڪجهه واضح ڪري رهيو آهي. ظاهر آهي وزيراعظم شهباز شريف پاران نگران وزيراعظم جي عهدي لاءِ تجويز ٿيندڙ نالن ۾ اتحادين سان ٿيل مشاورت وارا نالا ئي تجويز ٿيڻا هئا، پر اپوزيشن ليڊر جا نالا هن ڪنهن سان مشاورت ڪري ڏنا، هاڻي ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل نه آهي. سوال هي آهي ته اگر اپوزيشن ليڊر جي نالن تي وزيراعظم سهمت هو، وزيراعظم ان تي اعتراض واري  پئي سگهيو، جيڪو اعتراض وارڻ وارو رستو وزيراعظم اختيار نه ڪيو، مطلب ته ن ليگ جي قيادت جي مرضي سان ان باپ پارٽي جي سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو. سوال هي آهي ته انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران وزيراعظم طور مقرري ۾ ڪهڙو نياپو آهي، ڪنهن جو سياسي فائدو ۽ ڪنهن جو سياسي نقصان آهي. اگر انوار الحق ڪاڪڙ جي مقرري تي غور ڪجي ته هڪ مامرو ته بلڪل واضح ٿيندي محسوس ٿي رهيو آهي ته ان سان باپ پارٽي بلوچستان ۾ ايندڙ چونڊن ۾ منتشر ٿيڻ بجاءِ منظم ٿيندي، پيپلز پارٽي جي سياسي نقصان جو سبب ٿي سگهي ٿو، پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ اميد هئي ته بلوچستان مان اليڪٽيبلز پيپلز پارٽي ۾ ايندا ۽ ائين چونڊن کان اڳ پ پ پ ۾ اليڪٽيبلز شامل به ٿي ويا هئا. هاڻي اهي پ پ پ ۾ شامل ٿيل اليڪٽيبلز پ پ پ ۾ چونڊن تائين شامل رهندا يا نه، اهو ته سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهي پر وڌيڪ اليڪٽيبلز جيڪي بلوچستان مان پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو، هاڻي ائين ٿيڻ مشڪل لڳي رهيو آهي. ظاهر آهي صادق سنجراڻي کي اعتماد ۾ وٺي انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪرائڻ جو فيصلو ڪرڻ ۾ ن ليگ کي ڪو ته سياسي فائدو نظر اچي رهيو هوندو، اگر ان فيصلي سان ن ليگ کي بلوچستان ۾ ڪي اليڪٽيبلز نه به ملن پر انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران وزيراعظم طور مقرري سان نگران حڪومت دوران ٿيندڙ فيصلن جو جيڪو ملبو ن ليگ تي پوڻو هو، ان کان ن ليگ پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪرڻ لاءِ نالو ڪٿان تجويز ڪرايو ويو، ان جو هر ڪنهن کي اندازو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ن ليگ حڪومت جي فيصلن جو  ملبو پاڻ تي اچڻ کان به بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو به تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته طاقتور حلقن سان انهن جا ڪي به اختلاف نه آهن، جنهن جو مطلب اهو تاثر ڏيڻ آهي ته ايندڙ حڪومت ن ليگ جي ٿي سگهي ٿي پر اسان وٽ سياسي رٿابنديون جٽادار گهٽ ثابت ٿينديون آهن. هاڻي نگران حڪومت جي قيام وارو اٺ ڪنهن طرف پاسو ورائي ٿو وارو مامرو چڱي ريت چٽو ان وقت ٿيندو، جڏهن نگران ڪابينا جا نالا سامهون ايندا. نگران ڪابينا ۾ اهم وزارتن تي جڏهن مقرريون ٿينديون، تڏهن معلوم ٿيندو ته ڪير ڪنهن جي ڪيترو ويجهو آهي. ان سان اندازو ڪري سگهبو ته نگران حڪومت ۾ ڪنهن پارٽي جي ڪيتري هلندي. اگر نگران ڪابينا بعد اهو مامرو ڀلي چٽو نه به ٿئي ته اهو مامرو ته واضح آهي ته طاقتور ڌرين سان جنهن جو جيترو تعلق هوندو، ان لاءِ چونڊن جي فضا اوتري بهتر قائم ٿيندي.

انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران وزيراعظم ٿيڻ سان گهڻي قدر اهو مامرو ته واضح ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مدت واري هوندي پر ڪجهه ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو صورتحال کي واضح به ڪري ڇڏيندو. جڏهن اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماري جي نوٽيفڪيشن بعد نئين سر تڪبندين ڪرڻ لاءِ چار مهينن جي وقت درڪار هجڻ جو موقف اختيار ڪيو ته امڪان اهو به آهي ته اهو مامرو سپريم ڪورٽ پهچي وڃي ڇو ته ڪا به پارٽي 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿي سگهڻ واري مامري کي بنياد بڻائي سپريم ڪورٽ وڃي سگهي ٿي پر هن ڀيري سپريم ڪورٽ لاءِ فيصلو ڪرڻ آسان ان ڪري نه هوندو، جو اسيمبليون ٽٽڻ سان 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو مامرو جتي آئيني گهرج آهي، اتي نئين آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد نئين آدمشماري جي انگن اکرن تحت تڪبنديون ڪرڻ به آئيني گهرج آهي. اگر سپريم ڪورٽ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ واري آئيني گهرج پوري ڪرڻ طرف ويندي ته نئين تڪبندين واري آئيني گهرج به ان سامهون بيهاري ويندي. ظاهر آهي انوار الحق ڪاڪڙ جي حڪومت جو ان ۾ اهم ڪردار ٿي ويندو، ڇو ته اٽارني جنرل ان حڪومت جي موقف جي پيروي ڪندو. بهرحال مامرو مون کي ته سپريم ڪورٽ تائين پهچندي هر حال ۾ نظر اچي ٿو ۽ مون کي لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن نئين تڪبندين ڪرڻ کي لازمي قرار ڏيندي.

اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي جي اعلان سان فوري طور تي عام چونڊن جي شيڊول بجاءِ تڪبندين جو شيڊول جاري ٿيندو. اليڪشن ڪميشن جا آفيسر اهو چوندا رهيا آهن ته تڪبندين لاءِ لڳ ڀڳ چار مهينن جو وقت درڪار هوندو. اگر اليڪشن ڪميشن چاهي ته وقت بچائڻ لاءِ تڪبندين سان گڏ ووٽر لسٽون به تيار ڪرڻ شروع ڪري سگهي ٿي، اگر اليڪشن ڪميشن ائين نه ڪيو ته عام چونڊون وڌيڪ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو دير جو شڪار ٿي سگهن ٿيون. مثال طور اگر اليڪشن ڪميشن 16 آگسٽ تي اعلان ڪري ته نئين آدمشماري جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد آئين جي آرٽيڪل 51 جي شق 5 تحت نيون تڪبنديون ڪرڻ ضروري آهن، جنهن لاءِ چار مهينن جو وقت درڪار آهي ته ان جو مطلب ٿيو ته 16 آگسٽ کان 16 ڊسمبر تائين چار مهينن جو وقت پورو ٿي ويندو، ان بعد اگر ووٽر لسٽون تيار ٿين ۽ ان ۾ اگر هڪ مهينو به لڳايو وڃي ته ووٽر لسٽون 16 جنوري 2024 تائين ٺهي سگهنديون. جڏهن تڪبنديون ۽ ووٽر لسٽون تيار ٿي وينديون، ان بعد اگر 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون ويون ته اپريل تائين ئي چونڊ ڪرائي سگهبييون. اگر ووٽر لسٽون تڪبندين سان گڏ تيار ڪيون وڃن ته پوءِ مارچ تائين چونڊون ٿي سگهنديون، پر معلوم نه آهي ته ان باوجود ماڻهن کي ڇو مامرو ان کان به اڳتي ويندي محسوس ٿي رهيو آهي. ڪنهن جي سوچڻ تي ڪا پابندي نه آهي پر اسان وٽ اڪثر طور تي گمان حقيقت جو روپ وٺي سامهون ايندا رهيا آهن. ڏسڻو اهو به آهي ته ان جو نالو نگران وزيراعظم تجويز ڪرائڻ پويان ڪهڙا مقصد ظاهر ٿين ٿا؟ ڇو ته اسحاق ڊار جو نالو سامهون اچڻ تي پ پ پ به اهو چئي اعتراض واريو هو ته ان جو ن ليگ سان تعلق آهي. تعلق ته انوار الحق ڪاڪڙ جو به هڪ پارٽي سان آهي، جنهن پارٽي جو سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر به ڪالهه تائين هو، پر ان جي مقرري تي نه پي ٽي آءِ، نه ئي ڪنهن ٻي پارٽي ايترو شديد رد عمل ظاهر ڪيو آهي، جيڪو رد عمل اگر ڪنهن ٻي پارٽي سان تعلق رکندڙ جي نامزدگي تي ٿي پئي سگهيو، اهو عمل به سياسي پارٽين جي سگهه ۽ سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. ڏسجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪهڙيون نيون تبديليون رونما ٿين ٿين ٿيون، سياسي فضا ڪنهن لاءِ بهتر ۽ ڪنهن لاءِ خراب ٿئي ٿي، باقي هڪ سينيٽر طور مون جيڪو ڪجهه انوار الحق ڪاڪڙ جي زباني پارليامينٽ جي راهدارين ۾ خيال ٻڌا آهن، انهن سان انوار الحق ڪاڪڙ کي گهٽ ۾ گهٽ پي ٽي آءِ مخالف ته قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، پر ڏسجي ته نگران وزيراعظم جي منصب تي اچڻ بعد انوار الحق ڪاڪڙ ڪهڙي سوچ اختيار ڪري ٿو. بقول خورشيد شاهه جي اسان کي چڱائيءَ جي ئي اميد رکڻ گهرجي. عوام ته هميشه اها ئي اميد پئي رکي آهي پر عوام جي اميدن تي هميشه ڪنهن نه ڪنهن پلان پاڻي پئي ڦيريو آهي.