گھوٽڪي(اسپورٽيس نيوز) نيو اسٽار گهوٽڪي ڪرڪيٽ ميچ ۾ ڪنگ کوسا گهوٽڪي کي شڪست ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ گهوٽڪي ۾ ٻن ٽيمن ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيو اسٽار ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 6 اوورن ۾ 88 رنز اسڪور ڪيو. جواب ۾ ڪنگ کوسا اليون جا رنديگر بالرن آڏو بيوس ٿي ويا ۽ سموري ٽيم 6 اوورن ۾ 74 تي ڍير ٿي وئي’ شفقت ڪولاچي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.