نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو صوفي بزرگ سيد ڪبير شاھ جو ميلو جاري آھي، ميلي ۾ گھوڙن ۽ ڏاندن جي ڊوڙ ۽ ملھه جا مقابلا ٿيا، جڏهن ته صوفي فنڪارن پاران راڳ ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، مخدوم غلام محي الدين،  محمدخان جوڻيجو، گل حسن ٻرڙو  ۽ ٻين جا گھوڙا مقابلي ۾ شامل ٿيا، جڏھن ته ملھه جي مقابلن ۾ پھلوان ٽيڊي شيدي، ملھار شيدي، قربان ھوتي، پوٽو شريف، مولابخش شيدي ۽ ٻين راند ۾ پنھنجا جوھر ڏيکاري واھ واھ ڪرائي ڇڏي. جڏھن ته  راڳ رنگ جي محفل ۾ صوفي فنڪارن ڀاڳچند، ملوڪ سولنگي، موٽڻ مگسي ۽ ٻين صوفياڻه ڪلام ڳائي ٻڌندڙن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.