نيوسعيدآباد ويجھو مبينا قتل ٿيل ڳورهاري عورت جو جرڳو

0
243
مبينا قتل ٿيل ڳورهاري عورت

نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ بھشت باغ ۾ ڳوھاري عورت ياسمين حاجاڻو جي مبينا قتل جو جرڳو ڪيو ويو آهي، جرڳو سروري جماعت جي اڳواڻ ۽ حاجاڻا برادري جي اڳواڻ سرائي ھاشم حاجاڻو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جرڳي ۾ جوابدار پيءُ ٽوھ حاجاڻو۽ چاچي نواب حاجاڻو مٿان 15 لک روپيا ڏنڊ ۽ تڏو بخشرائڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، جرڳي ۾ اهو به حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي ته 26 آگسٽ تي ٿيندڙ قبر ڪشائي کي روڪڻ لا۽ مقتولڻ جي ماءُ فريادي ڀاڳان حاجاڻو ڪورٽ ۾ درخواست ڏيندي.