نيشنل ٽي-20 ڪپ: خيبرپختونخواهه هٿان سنڌ کي 7 وڪيٽن تان شڪست

0
209

لاهور(اسپورٽس نيوز) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي25هين ميچ ۾ خيبرپختونخواهه سنڌ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ سنڌ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنز ٺاهيون. سرفراز احمد جي جاءِ تي علي نواز سنڌ ٽيم جي قيادت ڪئي، گذريل ميچ جي سينچري ميڪر شرجيل خان ڪالهه رڳو 26 رنز ٺاهيون.

سنڌ طرفان شان مسعود 54 رنز سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڪپتان انور علي 34 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن پرفارمنس نه ڏيکاري. خيبرپختونخواهه جي افتخار احمد 2، آصف آفريدي ۽ نياز خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. هدف جي جواب ۾ ستين اوور تائين خيبرپختونخواهه جي شروعاتي ٽئين وڪيٽ 54 رنز تي ڪري پئي، خيبرپختونخواهه جي محمد حارث 7، امير عظمت 18 ۽ مقصد احمد 23 رنز ٺاهي پويلين موٽي ويا.  صاحبزاده فرحان ۽ افتخار احمد خيبرپختونخواهه جي اننگز سنڀالي، ٻنهي رانديگرن ناقابل شڪست 100 رنز جي پارٽنر شپ قائم ڪئي.فرحان 49 ۽ افتخار احمد 55 رنز جي اننگز کيڏي.