ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب عملدارن کان صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف شروع ڪيل انڪوائرين جا تفصيل 7 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتا آهن. ڪالهه صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران نيب انڪوائرين خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر شهباز سهوترا عدالت کي ٻڌايو ته شرجيل ميمڻ اهڙي ئي نوعيت جي درخواست تي هڪ ڀيرو حڪمنامو وٺي چڪو آهي. هن چيو ته شرجيل ميمڻ خلاف ڪراچي ۾ ڪرپشن جا ٻه ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته  اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ به سندس خلاف هڪ هڪ انڪوائري هلندڙ آهي.