ڪراچي (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ نجف ڪالوني جي رهواسڻ سڪينه ڀٽي احتجاج ڪندي چيو ته ڪير واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون سان گڏ کليل آسمان هيٺ زندگي

گذاري بکون ڪاٽي رهيا آهيون.هوڏانهن ميهڙ جي ڳوٺ حاصلو کوسو واسڻ بيواهه بشيران کوسو دانهيو ته راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو. لاڙڪاڻي جي بيت المال ڪالوني ڪچي آبادي جي رهواسي بٺي جي مزدور جاويد شيخ  پنهل شيخ احتجاج ڪندي چيو ته گهر ڊهڻ سبب اسڪول ۾ رهون ٿا. هنن چيو ته راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان نه ملڻ ڪري اسان جا ٻارڙا کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ سان گڏ بکون ڪاٽي رهيا آهن. نئين ديري جي بلاول ڪالوني جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف نئون ديرو رتوديرو روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو.سونو خان ڀٽو، نصير جروار، غلام عباس شيخ جو چوڻ هو ته پاڻي نيڪال ناهي ڪيو ويو.  چونڊيل نمائندا ۽ پارٽي جا مقامي اڳواڻ ملڻ لاءِ تيار ناهن.هوڏانهن نئون ديرو ميونسپل انتظاميا ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. سجاول جوڻيجو ۾ ٻوڏ متاثر علي گل، امير جان، عورت ڀائل، شبير، اصغر ڪولاچي، اڪبر ڪولاچي احتجاج ڪندي چيو ته فوجين تنبو ڏئي رهايو، ماني پاڻي به نه ٿو ملي، ٻار، مرد ۽ عورتون مليريا، وڏو بخار ۽ گيسٽرو ۾ وٺجي ويا آهن. ڳڙهي حسن ڳوٺ پاندي خان کوسو، ڳوٺ دلمراد بگٽي، ڳوٺ غلام حيدر کوسو ۽ ڳوٺ هيئرالدين کوسو جي رهواسين حبيب الله کوسو، صوبو کوسو، بشير کوسو جي اڳواڻي ۾ ٺل جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو.هنن چيو راشن، ٽينٽ من پسند ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا، گيسٽرو ۽ مليريا سبب سوين ٻارڙا ۽ وڏڙا بيمار آهن.