اسلام آباد (م ڊ) نيب رڳو اپوزيشن اڳواڻن  جو ئي احتساب ڪري رهيو آهي، حڪومتي ماڻهن جي ڪيسن کي هٿ به نه ٿو لاتو وڃي، ٽن سالن ۾ 90 سيڪڙو سوال اپوزيشن ۽ 10 سيڪڙو حڪومتي ماڻهن کان ڪيا ويا آهن، جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جي خاندانن ۽ شگرملز کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نه گهرايو ويو آهي، اهڙو اظهار نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد نيب پارليامينٽ جي 71 ميمبرن خلاف ڪيس قائم ڪيا يا وري انهن خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ڪئي. انهن مان 4 هاءِ پروفائل ڪيس آهن. رڳو 31 ارب جا 3 ڪيس کنيا آهن ٽئي شهباز شريف جا آهن انهن ۾ 25 اربن جي مني لانڊرنگ جو اهو ڪيس به شامل آهي جنهن جي جاچ ڪري ايف آءِ اي عبوري چالان به پيش ڪري چڪي آهي. رپورٽ موجب وفاقي وزير خسرو بختيار جي خاندان جي رلائنس شگر ملز خلاف ڪيس نه کنيو ويو آهي جيڪو مني لانڊرنگ جو آهي. جڏهن ته جهانگير ترين جي جي ڊي ڊبليو شگر ملز جو مني لانڊرگن جو ڪيس به نه هليو آهي. رپورٽ موجب نيب وٽ اهڙا ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ اپوزيشن جي ميمبرن ٽي ٽي ڀيرا، پنج پنج ۽ ڇهه ڇهه ڀيرا به گهرايو ويو آهي. اپوزيشن جي 90 سيڪڙو ميمبرن کي 400 سوالناما اماڻيا ويا آهن جڏهن ته حڪومتي ماڻهن کي 10 سيڪڙو کان به گهٽ سوال اماڻيا ويا.