نياڻي اسان حوالي ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي: سوهانا جا والدين

0
399
نياڻي اسان حوالي ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي: سوهانا جا والدين
نياڻي اسان حوالي ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي: سوهانا جا والدين

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد مان مبينا طور اغوا بعد بازياب ڪرائي عدالتي حڪم تي سيف ھائوس نواب شاھ حوالي ڪيل ھندو نينگري سوھانا شرما جي گھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي

نينگري جي ماءُ چمپا شرما ۽ پيءُ دليپ ڪمار ھنجون هاريندي نياڻي حوالي ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي، هنن چيو آهي ته نينگري جي عمر ننڍي هجڻ باوجود هن جي زبردستي شادي ڪرائي وئي

سوهانا جي امڙ جوابدار اختر گبول کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو ته استاد شاگردن جو ماءُ ۽ پيُ ھوندو آھي اختر استاد جي مان مرتبي کي لڄايو آھي

نينگري جي امڙ چيو ته اسان اعتبار ڪري پنهنجي نياڻي تعليم جو زيور حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڏيو پر استاد جي روپ ۾ بگھڙ وارو ڪردار ادا ڪيو

سوهانا جي والد ۽ والده سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نياڻي اسان جي حوالي ڪئي وڃي

هي به پڙهندا

نينگري سوهانا شرما کي سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم