نوشھرو فيروز(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوشهروفيروز مان موٽر سائيڪل چوري ڪندي ملازمن چور کي سوگھو ڪري ورتو. چور جي سڃاڻپ قربان مڱريو ويٺل ڪنڊيارو جي نالي سان ٿي آھي سندس وٽان ماسٽر چاٻي ۽ ٽريفڪ پوليس ڪراچيءَ جو ڪارڊ ھٿ آيو آھي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 پڪڙيل چور کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.