نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز شھر جي ڪڪا شاهه پاڙي مان نامعلوم نوجوان جو لاش ھٿ آيو. نوجوان جو لاش گندي نالي مان پاڙي وارن کي ھٿ آيو. پاڙي وارن نوشهروفيروز ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس پھچي لاش گندي نالي مان ڪڍرائي، سول اسپتال منتقل ڪيو جتي لاش کي مرده خاني ۾ رکيو ويو. ٻئي پاسي پوليس موجب لاش ھيروئني جو آھي جنهن جي سلار سولنگي طور سڃاڻپ ٿي آهي. ھوڏانھن پاڙي وارن سيد بابر شاھ ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪڪا شاھ پاڙي ۾ منشيات خاص ڪري ھيروئن جو وڪرو وڌي ويو آهي جنھن ڪري اڪثر موالي سندن پاڙي ۾ گھمندا رھن ٿا.