فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ڀرسان ڳوٺ سوجھرو ميرواڻي ۽ قاسم لاشاري وچم زرعي زمين مان نامعلوم نوجوان جو شلوار لٿل لاش ھٿ آيو آهي، ڳوٺ سوجھرو ميرواڻي ڀرسان ھٿ آيل نامعلوم فوتي نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ دادو واسي منصور علي ولد محبوب علي بروهي طور ڪئي وئي، فوتي نوجوان جي سڃاڻپ سندس اڳوڻي ڪائونسلر مامي نظام الدين بروھي ڪئي. نظام الدين بروھي وڌيڪ ٻڌايو ته ڀاڻج اڄ صبح اسان وٽ ڳوٺ رحمت الله بروهي آيل ھو جنھن بعد کيس ميرواڻي اسٽاپ تي واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ ڇڏي آياسين اسان جي واپس ٿيڻ بعد ھو ميھڙ وڃڻ بجاءِ واپس ڳوٺ اچي رھيو ھو ته سندس فوتگي جو اطلاع مليو ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀاڻج ذھني مريض ھئڻ سان گڏ نشو به ڪندو هو سندس علاج به ڪرائيندا رھندا ھئا سين. ٻئي طرف ابتدائي طور فوتي نوجوان جي کيسي مان راڌڻ لڳ ڳوٺ ڄام زرداري واسي نوجوان محمد اسحاق زرداري جو اين آءِ سي مليو هو، جنهن تي فريدآباد پوليس اين آءِ سي جي بنياد تي فوتي جي سڃاڻپ محمد اسحاق زرداري طور ڪئي ھئي جڏهن ته اسحاق زرداري جي وارثن سان رابطو ڪرڻ تي سندس وارثن نوجوان زنده ھئڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته نوجوان جو اصل ڪارڊ گم ھو. ٻئي طرف نوجوان جو لاش ملڻ جو بروقت فريدآباد پوليس کي اطلاع ملڻ باوجود پوليس جاءِ واردات تي 3 ڪلاڪ دير سان پھچي نوجوان جو لاش جاءِ واردات کان کڻي تعلقي اسپتال ميھڙ پھچايو، جڏهن ته نوجوان جو لاش گهڻي دير تائين کليل آسمان ھيٺ گرم سج جي تپش سبب نوجوان جي چھري جو رنگ ئي تبديل ٿيل ھو. لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو.