نوشهروفيروز: قتل ۽ ڀتي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي 2، 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا

0
262

نوشهروفيروز: دهشتگردي جي انت واري عدالت قتل ۽ ڀتي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ٻه ٻه ڀيرا عمر قيد ۽ 8، 8 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدار رشيد عرف رشو چانڊيو ۽ رحمت الله عرف رمو چانڊيو 2017ع ۾ ڳوٺ مصري چانڊيو ۾ سڄڻ چانڊيو کي ڀتو نه ڏيڻ تي قتل ڪيو هئو. قتل جو ڪيس ٻورڙي ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هئو. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج محمد بخش ڀنگوار فيصلو ٻڌايو، جوابدارن کي جيل منتقل ڪيو ويو.