نوشھروفيروز (رپورٽر) ضلعي نوشھروفيروز جي سمورن ئي شھرن ۾ گندگي جو آزار، گندگي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو، شھري راتيون جاڳڻ تي مجبور بڻيل آهن. ضلعي جي سمورن ئي شھرن نوشھروفيروز، مورو مٺياڻي، دريا خان مري، پڊعيدن، ڀريا، ٺاروشاھ، هالاڻي، ڪنڊيارو محراب پور، نيو جتوئي سميت ننڍن وڏن شھرن ۾ گندگي جو آزار وڌي وڃڻ سبب مڇرن ماڻھن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون. جڏهن ته مڇرمار اسپري نه ٿيڻ ڪري مختلف بيمارين منهن ڪڍيو. شھرين سياسي سماجي اڳواڻن حڪومت سنڌ کان گھر ڪئي آھي ته جلد کان جلد مڇر مار اسپري ڪرائڻ سان گڏ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي ته جيئن هتان جا رهواسي مڇرن ۽ مختلف بيمارين کان بچي سگهن، نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.