نوري آباد ويجھو ٽرڪ جو بيٺل ٽرالر کي ٽڪر، 2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت، 2 زخمي

0
170
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي

نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجهو موٽري وي تي ٽرڪ  جو بيٺل خراب ٽرالر کي ٽڪر، 2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، 2 زخمي ٿي پيا، موٽر وي پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، فوتين جي نويد ۽ پرويز احمد طور سڃاڻپ ٿي

واقعي ۾ شفيق ۽ رضوان جٽ زخمي ٿي پيا، شاهپور چاڪر ويجهو شهزور گاڏي ڪلٽي، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، نوابشاهه روڊ تي ڪار کي بچائيندي ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، پولٽري فارم جا مزدور محسن، فرحان ۽ محمد حسين زخمي ٿي پيا، زخمين مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو