نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجهو ايم نائن موٽر وي تي ٽرالر جو ٻن ڪارن کي ٽڪر، زال مڙس سميت 3 ڄڻا فوت، 7 زخمي، ان ڏس ۾ موٽر وي روڊ تي نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾   ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ٽرالر ۽ ٻن  ڪارن  ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو،  حادثي  جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ الطاف عمر  ۽ سندس گهر واري ياسمين الطاف ۽ هڪ اڻڄاتل  شامل آهن، زخمين ۾ ٽرالر ڊرائيور ڪالي خان،  ڪلينڊر روحان خان، ڪار سوار   ماھ نور عاطف، يحيا خان،  فاطما،  ساجد شامل آهن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ڄاڻ موجب ته فوتين ۽ زخمين  جو تعلق ڪراچي جي بورا پير ايم جناح روڊ آھي، جتان کان  حيدرآباد طرف وڃي رهيا هئا ته نوري آباد ويجهو  افسوس ناڪ حادثو پيش آيو، نوري آباد پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي،  هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي موٽروي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته حادثن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ ورتا وڃن.