ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان متحدہ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ( اي پي ايم ايس او) ڪراچي جي صدر شرجيل بيگ مغل مطالبو ڪيو آھي ته  ايم ڊي ڪيٽ ۾ ٿيل بيقاعدگين جو نوٽيس وٺي  اعليٰ سطح  جاچ ڪميشن جوڙي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو مستقبل بچايو وڃي، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته تازو ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ڪرايل ٽيسٽ جا نتيجا  ويب سائيٽ تي جاري نه ڪيا ويا آهن، هن  چيو ته ٽيسٽ  پيپر ۾ ڪيتريون غلطيون ڪيون هيون، نصاب کان ٻاهر ( آئوٽ آف ڪورس ) شامل ڪيا ويا هئا، هن چيو ته  ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ ٿيل بدانتظامي کان تنگ ٿي بلوچستان ۾ هڪ شاگردياڻي سدرہ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، هنن سوال اٿاريو ته  سنڌ ۾ اهڙو واقعو پيش آيو ته انهي  جو ذميوار ڪير هوندو؟ ھوڏانھن شاگردن جي ھڪ وفد سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سان گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪري ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ نصاب کان ٻاھر ورتل ٽيسٽ بابت شڪايت ڪئي، سنڌ جي گورنر کين خاطري ڪرائي ته ھو لاڳاپيل اختيارين سان ڳالھائي شاگردن کي انصاف ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو