برسلز(دلچسپ نيوز) نوجوان شاگردياڻي اڪيلي دنيا جو چڪر لڳائڻ لاءِ پرعزم، تياريون شروع ڪري ڇڏيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بيلجيم ۾ 19 سالا زارا ردرفورڊ اڪيلي سردنيا جوچڪرلڳائڻ چاهي ٿي، ان حوالي سان سندس چوڻ آهي ته اڪيلي سر سموري دنيا جو چڪر لڳائيندڙ ننڍي عمر واري شاگردياڻي بڻجڻ چاهيان ٿي. زارا ردرفورڊ چيو ته دنيا جي ڊگهي سفر لڳائڻ لاءِ سموريون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته پنهنجي شارٽ الٽرا لائٽ جهاز ۾ برسلز کان سفر جي شروعات ڪنديس. هن وڌيڪ چيو ته گرين لينڊ، ڪينيڊا، ڏکڻ آمريڪا، الاسڪا ۽ سموري روس تائين وينديس. زارا جو چوڻ هو ته کيس ان سفر ۾ 3 مهينا لڳي سگهن ٿا.