نوجوان،امام انقلاب

0
351
نوجوان،امام انقلاب

 ڪو وقت هو جو چار کان پنج اخبارون پڙهڻ منهنجو روز جو معمول هو، ڪراچي ۾ ڪو نئون ڪاروبار يا ڪنهن نئين ڪاروبار جو اشتهار ڪنهن اخبار ۾ اچي ۽ آئون ان بابت آگاهه نه هجان يا آئون اتي وڃي ان بابت معلومات حاصل نه ڪريان اهو ممڪن ئي نه هو، جيڪڏهن ڪو دوست مونکي ڪنهن نئين شيءَ جي باري ۾ ٻڌائي ته مونکي يقين نه ٿيندو هو يا پاڻ تي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي ته اهو ڪيئن ممڪن ٿيو جو مونکي خبر ئي نه پئي، پوءِ جڏهن پرائيويٽ چينلز جو دور آيو ته مونکي هر نئين ايندڙ چينل جي باري ۾ به پهرين معلومات هوندي هئي.

                 منهنجي ڀرپور ڪوشش هوندي هئي ته مونکي هر شيءَ جي خبر هجي ۽ هاڻي اهو حال آهي جو گذريل ڪجهه سالن کان مون وٽ هڪ به اخبار نٿي اچي، ٻن ٽن سالن کان ٽاڪ شوز ڏسڻ بند ۽ خبرون ڏسڻ به تمام گهٽ ڪري ڇڏيو هو، هڪ ڏيڍ سال کان اهو حال آهي جو مونکي ملڪي سياسي حالتن جي باري ۾ ڪا خبر ناهي، جيڪڏهن توهان مونکان پڇو ته وزيراعظم اڄ ڇا ڪري رهيو آهي ته آئون بلڪل بي خبر هوندس ۽ جيڪڏهن ڪو مونکي چوي ته ٽي وي تي ڏسي مونکي ٻڌائي ته آئون ان ئي وقت انڪار ڪري ڇڏيندس، ڇو جو آئون ڄاڻڻ‌ ئي نٿو چاهيان ته حڪومتي سطح تي يا سياسي ميدان ۾ ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، ڇو جو مونکي يقين آهي ته ڪو به ڪجهه ناهي ڪري رهيو هر ڪو باندر جيان ٽپا ڏئي اهو ٻڌائڻ ۾ مصروف آهي ته اسين اوهان جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيا آهيون ۽ اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي پسند جي باندر جي ٽپن تي واهه واهه به ڪري رهيو آهي ۽ يقين به.

انسان جي فطرت ۾ بيچيني آهي، ان جي اها بيچيني ئي ان کي ٻين جاندارن کان افضل بڻائي ٿي ان جو مثال اوهان ڪورونا دوران ڏسي وٺو، اسان کي ته ڇڏيو دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهو پابندين کان بيزار ٿي ويا ۽ احتجاج ڪرڻ لڳا، ڇو جو انسان جي تخليق ئي اهڙي ٿي آهي جو کيس تلاش ڪرڻي آهي، جستجو ڪرڻي آهي، آسمانن جي اوچائي ۽ زمين جي گهرائي کي ڏسڻو آهي، تنهن ڪري اهو قيد نٿو ٿي سگهي. قدرت اسان سڀني کي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ڏني آهي، ڪو به انسان ڪند ذهن ناهي، اسين اها غلطي ڪندا آهيون ته جو اسين ڪنهن کي ان جي قدرتي صلاحيتن يا فيلڊ کان الڳ ڪري اهڙي ڪم ۾ لڳائڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ هو سٺو ناهي پوءِ اسين ان سان ڪو ٽائٽل لڳائي ڇڏيون ٿا . اسان جا معاشرا اهڙي طرح ٺهي نه سگهيا جو جنهن ۾‌هر ٻار جي صلاحيت کي سڃاڻي کيس ان فيلڊ طرف وڃڻ لاءِ سندس حوصله افزائي ڪئي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسين فروٽ يا ڀاڄي وٺڻ دوران ته هڪ هڪ داڻي کي سٺي طرح ڏسي خريد ڪريون ٿا پر پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيون ٿا جيڪي پاڻ يا پنهنجي واٺن کان اوهان جي ڪاروبار يا زمينن تي قبضا ڪرائين ٿا، قصور سياستدانن جو گهٽ ۽ اسان جو پنهنجو وڌيڪ آهي جو اسين خوف وچان يا لالچ ۾، يا زبان، مسلڪ ۽ برادري جي بنياد تي ووٽ ڏئي اچون ٿا، حالانڪه ووٽ ڏيڻ وقت اوهان کي ڪو به ڏسي ناهي رهيو هوندو.

اسين روز ڪٿان گذرون ٿا يا دنيا جي ڪنهن ملڪ وڃون ٿا ته اسين هڪ ئي هنڌ گڏ مختلف شين کي نوٽس ڪريون ٿا ، مثال طور جيڪڏهن ڪنهن خوبصورت بلڊنگ جي سامهون ٽن نوجوانن کي بيهاريو وڃي ته اهي ٽيئي ان بلڊنگ کي مختلف نگاهه سان ڏسندا، جيئن هڪڙو ڏسندو ته جيڪڏهن هن بلڊنگ جي ڪنڊ تي بيهي فوٽو ڪڍيو وڃي ته تمام گهڻي خوبصورت ايندي ۽ سج جي روشني ان تي وڌيڪ واضح ٿيندي، ٻيو شخص ٻي ڪنڊ کان ان بلڊنگ کي ڏسي ٿو ته ان ڪنڊ کان بلڊنگ سان گڏ گلي به نظر اچي رهي آهي، ماڻهو ۽ دڪان به هتان کان هر شيءُ صاف نظر ايندي، ٽئين شخص ان بلڊنگ جي بڻاوت کي ڏٺو، ان جو داخلي رستو، هوا جو رُخ ۽ سج جي روشني ڪيتري بلڊنگ جي اندر داخل ٿي رهي آهي. ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پهرئين نوجوان جو شوق فوٽوگرافي آهي ۽ ٻئي جو مصوري ۽ ٽئين جو آرڪيٽيڪچر آهي، سندن ڏسڻ جو انداز ئي انهن جو پروفيشن آهي. اهڙي طرح جيترا به نوجوان اتي بيهارجن ها هر ڪو پنهنجي قدرتي صلاحيتن، دلچسپي يا جهڪاءَ مطابق ان بلڊنگ کي ڏسي ها. يعني اوهان جي اک جيڪو ڏسي ٿي اهو ئي اوهان جو پروفيشن هجڻ گهرجي. ان مثال کي اسان جا نوجوان جيڪڏهن پنهنجي پانڌ ۾ ٻڌي ڇڏين ته منهنجي خيال ۾ کين ڪنهن به ڪيريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت نه پوندي، اوهان اهو ئي ڪم ڪريو جنهن ۾ اوهان جي دل لڳي ٿي، باقي ته بار کڻڻ هجي ٿو، بار کڻڻ جو ڪم اوهان گڏهن جي لاءِ ڇڏي ڏيو اهي اهو ڪم بهتر ڪري سگهن ٿا. اوهين (نوجوان) ته امام انقلاب آهيو، اوهان جو ڪم آسمانن کي ڇهڻ آهي، بغير پرن جي اڏامڻو آهي، زمين اندر ٽپو ڏئي زمين جي گهرائي کي ماپڻ آهي، ، چريو ٿيڻو آهي، مجنو ٿيڻو آهي، ڇو جو دنيا جون سموريون ايجادون، مشاهدا ان ئي لقب سان سڏجندڙ ماڻهن جون آهن.

آئون امام انقلاب  (نوجوانن) کي ٻه ٽي گذارشون ڪندس، پهرين اها ته آزادي حاصل ڪريو، سوال اهو آهي ته ڪيئن؟  جواب هي آهي ته هر ان سوچ کان جيڪا اوهان کي ڪجهه ڪرڻ کان روڪي ٿي، پنهنجي هر ان دوست کان جيڪو  اوهان جي ان ڳالهه تي کلي ٿو ته آئون هڪ ڏينهن ڏاڪڻ رکي آسمان تي پهچي ويندس، جيڪواوهان جي لفظن ڏي وڃي ۽ اوهان جي جذبي کي نه سمجهي، اهو دوست ئي ناهي، تنهنڪري نمائش بينن سان گڏ هلڻ کان اڪيلو بيابانن ۾ گهمڻ لک دفعا بهتر آهي، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڀرپاسي جي شين کي ڏسڻ جو موقعو ته ملندو. ٻي گذارش اها آهي ته اڪيلو رهڻ جي لاءِ وقت ڪڍو، ڪيڏانهن اڪيلا نڪري وڃو، جڏهن اوهان سان ڪو گڏ نه هوندو ته ان وقت قدرت، عقل ۽ تخليقي سوچ  اوهان سان گڏ هوندي، جيڪا اوهان کي غور و فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏيندي، اوهان کي بغير پرن جي اڏامڻ جو حوصلو ۽ يقين ڏيندي، ڇو جو انقلاب  چاهي قومن جي زندگي ۾ اچي يا اوهان جي پنهنجي، غور و فڪر کان بغير ممڪن ناهي، ۽ سوچڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ سان گڏ ڪجهه وقت گذارڻ ضروري آهي، هجوم جي ڪا سوچ ناهي هوندي، بازارن ۾ ته عصمت کان ويندي هر شيءَ وڪامجي ٿي، ايجادون ته ويرانن ۾، اڪيلي ۾ ٿين ٿيون.

ٽين گذارش ته جنهن اوهان کي عطا ڪيو آهي، ان جي نافرماني نه ڪريو، چاهي اهي ماءُ پيءُ هجن يا استاد، سڀ کان وڌيڪ قدرت جي نافرماني بلڪل به نه ڪريو، الله اوهان کي مڪمل بڻايو آهي، پنهنجي صحت، ساهه کڻڻ لاءِ هوا، زنده رهڻ جي لاءِ زمين مان ڦٽندڙ شين ۽ سندن افزائش ڪندڙ سج  ۽ پاڻي جو قدر ڪريو ۽ سڀ کان وڌيڪ زندگيءَ جو، اسان کي ناهي خبر ته اسان وٽ ڪيترو وقت آهي، زندگي کانپوءِ ان قدرت جو سڀ کان وڏو انعام  وقت آهي، مون پنهنجي زندگي کان ويندي ڀرپاسي جي ماڻهن جي زندگين جو مشاهدو ڪيو آهي الله جا ۹۹ نالا آهن هر سورت کان پهرين اسين بسم الله پڙهون ٿا، جنهن جو مفهوم آهي ته شروع ڪريان ٿو ان جي نالي سان جيڪو وڏو مهربان نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي، الله جو هڪ نالو جلال به آهي، جيڪو تمام گهٽ استعمال ٿيو آهي پر يقين ڪريو جنهن جيترو وقت ضايع ڪيو ان پنهنجي رب کي اوتري جلال ۾ ڏٺو. مونکي وقت بوقت ان ڳالهه جي سزا ملندي رهي آهي، مون ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگين جو مشاهدو ڪيو آهي، جنهن وقت ضايع ڪيو، اهو خدا جي جلال کان نه بچندو، آئون ۱۹۹۷ع ۾ پهريون ڀيرو انگلستان ويو هئس، منهنجي هڪ تمام گهڻي ويجهي دوست پنهنجي هڪ ماسات جو نمبر ڏنو، ان مونکي هڪ ڳالهه ٻڌائي، جيڪا آئون ڪڏهن به نٿو وساري سگهان، ان ٻڌايو ته آئون جڏهن پڙهڻ لاءِ لنڊن اچي رهيو هئس ته منهنجي ڏاڏيءَ چيو ته پٽ  منهنجي نصيحت آهي ته ڪڏهن به فارغ نه ويهجان، جيڪڏهن ڪو ڪم نه هجي ته پنهنجي سويٽر کي اُکيڙي پوءِ وري ان کي سبڻ شروع ڪجان.

آخري گذارش ته غلطيون ڪريو چاهي ناڪام ٿيو، اهو ڪم ته مشڪل ڪونهي؟  اسان جي معاشري ۾ ڪاميابي جا پيمانا ئي ابتا آهن، ڪنهن چيو آهي ته  ڪاميابي جو ڪو ڪامياب رستو آهي، يقين ڪريو ڪاميابي ناڪامي جي اندر لڪيل آهي، اسين ان کي پئسي يا پئسي وارن ماڻهن ۾ ڳوليون ٿا، چمڪندڙ شين جي اندر ڳوليون ٿا، حالانڪه ڪاميابي ناڪامي ۽ غلطين جي اندر لڪيل آهي، جيڪڏهن اوهان ۱۶ کان ۲۰ سالن جا آهيو ته غلطيون ڪرڻ گهر کان نڪرو، ناڪام ٿيڻ جي لاءِ گهر کان نڪرو، اسان کي ۽ اسان جي وڏڙن کي اهو ئي خوف هجي ٿو ته جيڪڏهن اسان فلاڻو ڪم ڪيو ۽ اهو صحيح نه ٿيو ته ماڻهو ڇا چوندا؟ اسان جي وڏي بيعزتي ٿيندي، عزت ٿيندي ناهي، ڪمائي ويندي آهي. ، جيڪا شيءَ آهي ئي ڪونه ان جي وڃڻ جو ڪهڙو ڊپ؟ الله فرمائي ٿو مون علم کي سفر ۽ مفلسي ۾ لڪائي رکيو آهي، جنهن مفلسي تي اسين روئون ٿا، اصل ۾ ڪاميابي ته ان جي اندر آهي، اوهان گهر کان نڪرو ۽ پاڻ کي معاشري جي انهن فرسوده اصولن کان آزاد ڪريو ته جيڪڏهن ناڪام ٿينداسين ته ماڻهو ڇا چوندا، ٻاهر نڪرو، ڪوشش ڪريو، ناڪام ٿيو، وري اٿي کڙا ٿيو، وري غلطي ڪريو، وري اٿي بيهو. حقيقت ۾ ڪاميابي اهو تجربو آهي، جيڪو اوهان پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين مان سکو ٿا، ٻاهر نڪرو، جڏهن اوهان ناڪامي جي ڊپ کان آزاد ٿي ويندا ۽ سفر ڪرڻ شروع ڪندا ته خبر پئجي ويندي ته اوهان فوٽوگرافر آهيو، مصور آهيو يا آرڪيٽيڪٽ!